نائيجيريا: هٿياربندن ڳوٺ تي حملو ڪري 50 ماڻهو ماري ڇڏيا

ابوجا : نيوز ايجنسي چيو آهي ته نائيجيريا جي زمفارا رياست جي هڪ ڳوٺ ۾ هٿياربندن گهٽ ۾ گهٽ 50 ماڻهن کي قتل ڪري ڇڏيو آهي.هٿياربندن شام جو 5 وڳي پنهنجو حملو شروع ڪيو ۽ صبح جو 3.30 وڳي تائين جاري رهيو.حملي آورن گهرن کي باهه ڏني ۽ فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ ماڻهن تي فائرنگ ڪئي.حملي دوران هٿياربندن ڪيترن ئي عورتن ۽ ٻارن کي اغوا ڪرڻ جو به اطلاع آهي.نيوز ايجنسي چيو ته واقعي کان پوءِ متاثرين کي ويجهي شهر ميدوگوري منتقل ڪيو ويو.شاهدن چيو ته حملي آورن عورتن ۽ ٻارن کي به يرغمال بڻايو.هڪ مقامي قانون ساز کي خدشو هو ته موت جو انگ وڌي سگهي ٿو، جڏهن ته اغوا ٿيل ماڻهن جو صحيح تعداد فوري طور تي معلوم نه ٿي سگهيو.

تبصرے بند ہیں۔