سڃاڻپ ڪارڊ عيش عشرت لاءِ نه اها هڪ بنيادي ضرورت آهي: سنڌ هاءِ ڪورٽ جو بلاڪ ڪرڻ وارو حڪم ڪالعدم قرار

اسلام آباد:  سپريم ڪورٽ عدالتي فيصلي تي عمل ڪرائڻ جي لاءِ سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم کي غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏيو.

جسٽس منيب اختر 3 صفحن تي ٻڌل لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سڃاڻپ ڪارڊ عيش عشرت جي لاءِ نه آهي پر عام زندگي گذارڻ جي لاءِ بنيادي ضرورت  آهي.

عدالت ريمارڪس ڏنا ته ڇا عدالتون سڀاڻي رقم جي واپسي  لاءِ به بجلي ۽ پاڻي جا ڪنيڪشن ڪاٽڻ جا حڪم جاري ڪنديون؟ فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ڪنهن شهري کي سڃاڻپ ڪارڊ کان محروم ڪرڻ زندگي  جا بنيادي حق ڦرڻ جي برابر آهي.

سپريم ڪورٽ  قرار ڏنو ته ضابطي جي سيڪشن 51 جي تحت سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جي  ڪابه گنجائش موجود نه آهي. پشاور هاءِ ڪورٽ طرفان سي پي سي ۾ ڪيل ترميم  سنڌ تي لاڳو نٿي ٿئي. عدالت واضح ڪيو ته قانون ۾ ڀڃڪڙي واري حڪم کان سواءِ  ڪابه عدالت ڪنهن شهري جو سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ نٿي ڪري سگهي.

فيصلي موجب 2016ع ۾ ٽرائل ڪورٽ درخواستگذار جي خلاف رقم جي ادائيگي جي ڊگري جاري ڪئي هئي رقم جي ادائيگي نه ڪرائڻ تي ٽرائل ڪورٽ درخواستگذار جو سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو جنهن کي سنڌ هاءِ ڪورٽ برقرار رکيو هو. پر سپريم ڪورٽ انهي قدم کي غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

ياد رهي ته درخواستگذار جي خلاف پراپرٽي ڪيس ۾ ڊگري جاري ڪئي وئي هئي ۽ درخواستگذار کي طئي ڪيل رقم جمع ڪرائڻ جي به هدايت ڪئي وئي هئي.

 

تبصرے بند ہیں۔