ٽرانسپورٽ ۾ بهتري لاءِ نيون بسون متعارف ڪرائڻ جو فيصلو

ڪراچي:  سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي بهتري لاءِ وڌيڪ نئين بس جلد متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ٽرانسپورٽ کاتي جو هڪ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ ريڊ لائن، بي آر ٽي سميت جاري منصوبن، عوامي سهوليت ۽ ڪراچي ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي بهتري بابت اهم فيصلا ڪيا ويا. اجلاس ۾ ٽرانسپورٽ کاتي جي سيڪريٽري اسد ضامن، ايم ڊي ايس ايم ٽي ايڪيول نظام ڀٽو، پي ڊي ييلو لائن، ڪمال دايو، سي اي او ٽرانس ڪراچي فواد غفار سومرو کان علاوه لاڳاپيل انجنيئر ۽ ڪنسلٽنٽس شرڪت ڪئي.سي اي او ٽرانس ڪراچي اجلاس کي جاري ريڊ لائن بي آر ٽي منصوبي تي ترقياتي ڪمن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني، هينئر تائين جي اڳڀرائي رپورٽ پيش ايندڙ مسئلا ۽ آئنده جي حدف بابت آگاهه ڪيو. انهي موقعي تي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ريڊ لائن بي آر ٽي تي ڪم جي رفتار گڏيل طور تي تسلي بخش آهي پر انهي کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي سمورا لاڳاپيل ادارا روزاني جي بنياد تي اڳڀرائي کي يقيني بنائين. هن چيو ته ڪوريڊور کي مڪمل ڪرڻ سنڌ حڪومت جي اولين ترجيح آهي ته جيئن عوام کي پيش ايندڙ سفري پريشانيون، ٽريفڪ جام ۽ روزاني جي پريشانين جو خاتمو ڪري سگهجي.سينئر وزير هدايت ڪئي ته تعميراتي ڪمن جي دوران متبادل ٽريفڪ پلان تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي ۽ ترقياتي منصوبن بابت موثر آگاهي مهم کي وڌيڪ فعال بنايو وڃي ته جيئن شهرين کي وقت تي ڄاڻ ملي سگهي ۽ انهن کي گهٽ کان گهٽ پريشانين کي منهن ڏيڻو پئي.هن بسن جي شروعاتي واري عمل کي تيز ڪرڻ ۽ اهڙن روٽس جي چونڊ جي هدايت به ڪئي جتي عوام کي سڀني کان وڌيڪ سفري پريشانيون پيش آهن. هن چيو ته بس سروس ۾ واڌ سبب شهرين کي محفوظ، سستي ۽ باوقات سفري سهوليت ميسر ايندي. شرجيل انعام ميمڻ سينيٽر تاج حيدر پل جي ٻئي حصي تي تعميراتي ڪم جلد کان جلد شروع ڪرڻ جو حڪم ڏيندي لاڳاپيل ادارن کي فوري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي.هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي جي عوام کي جديد ۽ موثر پبلڪ ٽرانسپورٽ نظام فراهم ڪرڻ جي لاءِ سنجيده ۽ عملي قدم کڻي رهي آهي. بي آر ٽي منصوبن سان نئين بسن جي شروعات سان شهري زندگي ۾ مثبت تبديلي ايندي.

تبصرے بند ہیں۔