لاهور : پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي ايڊهاڪ صدر محي الدين واني عهدو سنڀالي ورتو، قومي هاڪي ٽيم جي ڪپتان عماد بٽ تي پابندي هٽائڻ جو اعلان ڪيو.پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي ايڊهاڪ صدر محي الدين واني پنهنجي عهدي جي چارج سنڀالي ورتي.ان موقعي تي هن چيو ته هاڻي هو جيڪي به قدم کڻندو اهو مختصر مدت جي بنياد تي هوندو، هاڪي جي واڌاري ۽ بحالي لاءِ هنگامي قدم شروع ڪيا ويا آهن، اعتماد بحال ڪرڻ ۽ ٽيم انتظاميا جي بحالي لاءِ ڪم جاري آهي. هن چيو ته ڪوچنگ ۽ ٽريننگ سسٽم کي بهتر بڻايو ويندو ۽ ادارتي رابطا مضبوط ڪيا ويندا، رانديگر صرف ٽريننگ ۽ ميچن تي ڌيان ڏيندا، فيڊريشن انتظامي معاملن کي سنڀاليندي، سڀئي فيصلا شفافيت ۽ ميرٽ جي بنياد تي ڪيا ويندا.چارج سنڀالڻ کان پوءِ هڪ بيان ۾ محي الدين واني چيو ته ورلڊ ڪپ ڪواليفائنگ رائونڊ لاءِ وقت تمام گهٽ آهي، تنهن ڪري فوري قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، تربيتي ڪيمپ اڄ يا سڀاڻي شروع ڪئي ويندي.ايڊهاڪ صدر چيو ته مان ڪپتان عماد بٽ تي پابندي هٽائڻ جو اعلان ڪريان ٿو، مان رانديگرن سان ملندس ۽ هاڪي جي بهتري لاءِ اهم فيصلا ڪندس.واضح رهي ته پاڪستان هاڪي فيڊريشن (پي ايڇ ايف) جي اڳوڻي صدر طارق بگٽي قومي هاڪي ٽيم جي ڪپتان عماد بٽ تي پابندي لاڳو ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي.
تبصرے بند ہیں۔