اسلام آباد: خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين عمران خان کي آزاد ڪرائڻ جي لاءِ فورس ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
سپريم ڪورٽ جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي سهيل آفريدي چيو ته مون کي باني جي طرفان اسٽريٽ موومينٽ جي ذميواري ڏني وئي آهي. عدالتي حڪم ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلايا پيا وڃن. ذاتي معالج تائين پهچ نه پئي ڏني وڃي.
هن چيو ته پي ٽي آءِ باني کي آزاد ڪرڻ لاءِ فورس جو اعلان ڪريان ٿو. انهي فورس جي رجسٽريشن ڪندس. باني کي آزاد ڪرائڻ لاءِ فورس پرامن جدوجهد ڪندي. عيد کان پوءِ 22 فيبروري تي پشاور ۾ اسان فورس جي ميمبرن کان حلف وٺنداسين. انهي فورس جو چيف آف ڪمانڊ هوندو. عمران خان جنهن کي ذميواري ڏيندو انهي کي فورس جي ڪمانڊ ڏينداسين. هن وڌيڪ چيو ته پهريان تياري ڪنداسين پوءِ وڙهنداسين. اهو جهيڙو جمهوريت، آئين جي بالادستي ۽ آزاد ميڊيا جي لاءِ هوندو.
هڪ سوال جي جواب ۾ سهيل آفريدي چيو ته پي ٽي آءِ ۾ جيڪي مون کي هٽائڻ جي خواهش رکن ٿا اهي ٻڌي وٺن ته عزت، ذلت الله ڏيندو آهي مون کي هٽائڻ جو ڪنهن پيغام ڏنو اهو پي ٽي آءِ باني جي ڀينرن کان پڇي وٺو.
تبصرے بند ہیں۔