ڪوئٽه: بلوچستان ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائين دوران فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 14 دهشتگرد مارجي ويا. جڏهن ته هڪ آپريشن ۾ 3 اهلڪار زخمي ٿيا.
رپورٽ موجب بلوچستان جي راڄڌاني ڪوئٽه جي ڏوراهين علائقي درخشان ۾ سي ٽي ڊي ڳجهي اطلاع تي ٻڌل هڪ اهم انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو جنهن ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ فتنته الخوارج سان تعلق رکندڙ 8 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته سي ٽي ڊي جا 3 اهلڪار زخمي ٿي پيا.
ترجمان موجب اها ڪارروائي ڳجهي اطلاع جي بنياد تي شروع ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ علائقي ۾ دهشتگردن جي موجودگي ۽ امڪاني تخريبي ڪارروائين جي منصوبه بندي جي نشاندهي ڪئي وئي هئي.
آپريشن جي دوران دهشتگردن سيڪيورٽي فورسز تي فائرنگ شروع ڪري ڇڏي جنهن جي جواب ۾ جوابي ڪارروائي ڪئي وئي. چڪرين جي نتيجي ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا. مارجي ويل دهشتگردن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم فتنته الخوارج سان هو ۽ اهي صوبي ۾ مختلف نوعيت جي حملن، سرڪاري ٺڪاڻن ۽ شهرين کي نشانو بنائڻ جي منصوبه بندي ۾ ملوث هئا. ڪارروائي جي دوران دهشتگردن جي قبضي مان ڳري مقدار ۾ هٿيار، بارودي مواد ۽ ٻيو تخريبي مواد هٿ ڪيو ويو آهي.
ٻئي پاسي بلوچستان جي ضلعي بارکهان ۾ به سي ٽي ڊي ڳجهي اطلاع تي هڪ اهم انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو جنهن ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا. ترجمان موجب آپريشن جي دوران فتنته الهندستان جي دهشتگردن سيڪيورٽي فورسز تي فائرنگ ڪئي جنهن جي جواب ۾ ڪارروائي ڪئي وئي. جنهن ۾ خوش قسمتي سان سيڪيورٽي فورسز جا سمورا اهلڪار محفوظ رهيا ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو.
مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان ڳري مقدار ۾ هٿيار، بارودي مواد ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو آهي. ترجمان ٻڌايو ته اهي دهشتگرد بلوچستان ۾ مختلف تخريبي ڪارروائين جي منصوبه بندي ۾ ملوث هئا انهن جو تعلق دهشتگرد تنظيمن سان هو.
تبصرے بند ہیں۔