ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: آءِ سي سي گوڏا کوڙڻ تي مجبور، پاڪ ڀارت ميچ ٿيڻ جو امڪان

لاهور:  پاڪستان جي ثابت قدمي تي آءِ سي سي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ٿي ويو، پاڪستان جي سخت شرطن جي تحت ڀارت جي خلاف ميچ کيڏڻ جو امڪان آهي.

ذريعن موجب پاڪ ڀارت ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ميچ جي حوالي سان ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ وڏو بريڪ ٿرو جو امڪان آهي. پاڪستان جو ڀارت جي خلاف ميچ جي بائيڪاٽ جو فيصلو ڪم اچي ويو، آءِ سي سي وفد پاڻ پرچائڻ لاءِ پهچي ويو.

لاهور ۾ آءِ سي سي، پي سي بي ۽ بي سي بي جي وچ ۾ ڳالهيون پنج ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت تائين جاري رهيون. ذريعن موجب آءِ سي سي بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جي مطالبن تي  مثبت رد عمل ڏيندي ورلڊ ڪپ کان ٻاهر ڪرڻ کان پوءِ ازالي جي لاءِ فارمو تيار ڪري ورتو آهي.

انهي حوالي سان انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل(آءِ سي سي) ۽ بنگلاديشي بورڊ جي وچ ۾ تجويزن جي به ڏي وٺ ٿي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ گڏيل رابطه ڪار جا فرض سرانجام ڏنا.

آءِ سي سي جو ڊپٽي چيئرمين عمران خواجه آءِ سي سي بورڊ کان تجويزن جي حتمي منظوري وٺندو. بنگلاديش بورڊ جو صدر امين الاسلام به پنهنجي حڪومت کي ڍاڪا ۾ ڳالهين جي حوالي سان بريف ڪندو. گڏيل فارمولي تي اتفاق کان پوءِ اڄ ٻنپهرن جو آءِ سي سي ۽ پي سي بي ۾ ٻيهر رابطو ٿيندو.

 

تبصرے بند ہیں۔