اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان اطالوي گهرو وزير ميٽيو پينٽي ڊوسي ۽ يورپي ڪمشنر ميگنس برنر رابطو ڪيو آهي.
انهي موقعي تي اطالوي گهرو وزير ۽ يورپي ڪمشنر اسلام آباد ۾ ٿيل آپگهاتي حملي جي سخت مذمت ڪندي دهشتگردانه حملي ۾ ٿيل جاني نقصان تي دلي ڏک جو اظهار ڪيو.
اطالوي گهرو وزير چيو ته المناڪ واقعي جي خبر ٻڌي مون کي تمام گهڻو ڏک پهتو آهي، اٽلي جي حڪومت پنهنجي طرفان متاثرين سان دلي همدردي جو اظهار ڪري ٿي. هن چيو ته فوت ٿي ويلن جي خاندانن سان گڏ آهيون مشڪل جي هن وقت ۾ پاڪستاني عوام سان گڏ بيٺل آهيون.
اطالوي گهرو وزير چيو ته اٽلي هر قسم جي دهشتگردي جي سخت مذمت ڪري ٿو، دهشتگردي جي خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان سان تعاون جاري رکڻ جي لاءِ تيار آهيون.
يورپي ڪمشنر ميگنس برنر چيو ته اسان جون دعائون متاثرين ۽ انهن جي گهر ڀاتين سان گڏ آهن. ڏک جي هن گهڙي ۾ يورپي يونين پاڪستاني عوام سان گڏ بيٺل آهي.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي مشڪل وقت ۾ يڪجهتي جي اظهار تي اطالوي گهرو وزير ۽ يورپي ڪمشنر جو ٿورو ادا ڪيو. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف پاڪستان دنيا جي لاءِ هڪ ڍال آهي اڄ دنيا کي دهشتگردي کان محفوظ رکڻ جي لاءِ عالمي سطح تي مضبوط ۽ گڏيل قدمن جي ضرورت آهي.
تبصرے بند ہیں۔