اسلام آباد: ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد حقيقي آزادي مارچ جي 2 ڪيسز ۾ علي امين گنڊاپور ۽ عمر ايوب کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو.
سينئر سول جج مبشر حسن چشتي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت جوابدارن جي دائمي گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. عدالت طرفان ڪيترائي ڀيرا طلب ڪرڻ جي باوجود علي امين گنڊاپور ۽ عمر ايوب پيش نه ٿي رهيا هئا.
عدالت گذريل ٻڌڻي تي علي امين گنڊاپور خلاف اشتهاري جي ڪارروائي شروع ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. پي ٽي آءِ باني، شاهه محمود قريشي، زرتاج گل ۽ ٻيا ٻنهي ڪيسز مان بري ٿي چڪا آهن، علي امين گنڊاپور ۽ ٻين خلاف باره ڪهو ٿاڻي ۾ 2 ڪيسز داخل ٿيل آهن.
تبصرے بند ہیں۔