جنوري ۾ پرڏيهي ذخيرن ۾ 596.5 ملين ڊالر جو اضافو

ڪراچي:اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جو چوڻ آهي ته 30 جنوري تي ختم ٿيندڙ ڪاروباري هفتي ۾ پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ 45.4 ملين ڊالر جو اضافو ٿيو ۽ اهو 21.33 ارب ڊالر ٿي ويو.اسٽيٽ بينڪ چيو آهي ته اسٽيٽ بينڪ جا ذخيرا 56.1 ملين ڊالر وڌي 16.15 ارب ڊالر ٿي ويا.ڪمرشل بينڪن جا ذخيرا 10.7 ملين ڊالر گهٽجي 5.18 ارب ڊالر ٿي ويا.جنوري 2026 ۾ ملڪ جي پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ 596.5 ملين ڊالر جو اضافو ٿيو.

تبصرے بند ہیں۔