ڪوئيٽا، ٽرين، موبائل ۽ انٽرنيٽ سروس ٽئين ڏينهن به بند

ڪوئيٽا : ڪوئيٽا کان اندروني ۽ چمن تائين ٽرين سروس ٽئين ڏينهن به معطل آهي.ريلوي اختيارين موجب ڪوئيٽا کان پشاور ويندڙ جعفر ايڪسپريس اڄ ٽئين ڏينهن به رواني نه ٿي سگهي ۽ چمن ويندڙ مسافر ٽرين به اڄ رواني نه ٿي، جنهن ڪري مسافرن کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.ريلوي اختيارين جو چوڻ آهي ته ٽرين سروس ناگزير سببن جي ڪري معطل ڪئي وئي آهي.ٻئي طرف ڪوئيٽا ۾ موبائل فون ۽ انٽرنيٽ سروس پڻ معطل آهي.ڪوئيٽا ۾ موبائل فون ۽ انٽرنيٽ سروس جي معطلي سبب ڪاروباري ماڻهو، شاگرد ۽ هر قسم جا استعمال ڪندڙ مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن.واضح رهي ته ڪوئيٽا ۾ ڇنڇر کان ٽرين، موبائل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل آهي

تبصرے بند ہیں۔