ڪراچي, ٿڌ ۾ واڌ ، پارو سنگل ڊجيٽ ۾ اچي ويو

ڪراچي : ڪراچي ۾ برسات کان پوءِ برفاني هوائن سبب ٿڌ جي شدت ۾ اضافو ٿيو.شهر ۾ سڄي رات تيز ٿڌيون هوائون هلنديون رهيون، جنهن کان پوءِ اڄ شهر جو گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 8 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، پر ٿڌ 4 ڊگري سينٽي گريڊ محسوس ڪئي پئي وڃي.ان دوران ڪوئيٽا ۾ به گرمي پد مائنس 9 ڊگري سينٽي گريڊ تائين گهٽجي ويو، جڏهن ته ٿڌ مائنس 14 ڊگري سينٽي گريڊ محسوس ڪئي پئي وڃي.

تبصرے بند ہیں۔