يوڪرين پاران روس خلاف پهريون ڀيرو هائڊروجن هائبرد ڊرون جو استعمال

ڪِيو: يوڪرين پهريون ڀيرو جنگي حالتن ۾ هائيڊروجن سان هلندڙ هائبرڊ ڊرون استعمال ڪيو آهي. ڊرون ٺاهيندڙ ڪمپني اسڪائيٽن (اسڪاءِ ٽين) اعلان ڪيو آهي ته ان جي ريبِرڊ (Raybird) ڊرون جو هڪ خاص ماڊل تازو يوڪرين جي هٿياربند فوجن طرفان هڪ سرگرم جنگي علائقي ۾ استعمال ڪيو ويو آهي.
ڊرون ٺاهيندڙ ڪمپني موجب، ريبِرڊ جي هن ماڊل ۾ نئون فيول سسٽم لڳايو ويو آهي ۽ وڏن هائيڊروجن فيول ٽئنڪن لاءِ وزن جي ورڇ ۾ به تبديلي آندي وئي آهي۔ برقي پروپلشن وارو هي ماڊل هڪ اهم فائدو رکي ٿو: ان جي گهٽ حرارتي نشان (هيٽ سگنيچر) سبب اهو خاص طور تي جاسوسي مشنن لاءِ تمام موزون آهي.
اسڪائيٽن جو “مڪمل طور نئين سر ڊزائين ڪيل” ريبِرڊ ڊرون
اسڪائيٽن هڪ پريس بيان ۾ ٻڌايو ته معياري ريبِرڊ ڊرون، جيڪو اندروني احتراقي انجڻ (ICE) تي هلندو آهي، 28 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت تائين اُڏام جاري رکي سگهي ٿو. ڪمپني وڌيڪ ٻڌايو ته يوڪرين جي هٿياربند فوجن طرفان استعمال ڪيل هائبرڊ ورزن جي اُڏام جو مدو في الحال 12 ڪلاڪ آهي، جڏهن ته ان کي وڌائي 20 ڪلاڪ ڪرڻ تي ڪم جاري آهي.
اسڪائيٽن بيان ۾ چيو: “هائيڊروجن-برقي پروپلشن استعمال ڪرڻ سان هي پليٽ فارم دفاعي توڙي شهري استعمال لاءِ وڌيڪ آپريشنل ڪارڪردگي ۽ ماحولياتي فائدا مهيا ڪري ٿو.” ريبِرڊ ڊرون جي هن تبديل ڪيل ماڊل کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ٻه سال ليبارٽري ۾ جاچ ڪئي وئي.
اسڪائيٽن جي سي اي او رومن ڪنيازهنڪو چيو: “اسان ٻن سالن جي ليبارٽري تحقيق کي هڪ نئين هوائي جهاز جي تصور ۾ تبديل ڪيو آهي: اهو ساڳئي درجي ۽ وزن جو آهي، پر برقي پروپلشن تي ٻڌل مڪمل طور نئون ڊزائين ڪيل تصور آهي.”
تحقيق ۽ ترقي (R&D) جي انهن ٻن سالن دوران، اسڪائيٽن دعويٰ ڪئي آهي ته هن موسم جي مزاحمت، هائيڊروجن جي نفوذ، ۽ ڍانچي ۽ لاجسٽڪ مسئلن سان لاڳاپيل چيلينجن کي حل ڪيو آهي.
تبديلي ڪيل ريبِرڊ هائيڊروجن استعمال ڪري بجلي پيدا ڪري ٿو، جيڪا برقي موٽرن کي طاقت ڏئي ٿي۔ هائيڊروجن مٽاسٽا لائق ڪارٽريجن ذريعي فراهم ڪئي ويندي آهي۔ هن ڊرون جي سراسري رفتار 68 ميل في ڪلاڪ (110 ڪلوميٽر في ڪلاڪ) آهي۔ ان جو ٽيڪ آف وزن 51 پائونڊ (23 ڪلوگرام)، پرن جو ويڪر 15 فوٽ (4.7 ميٽر)، ۽ لڳ ڀڳ 22 پائونڊ (10 ڪلوگرام) وزن کڻڻ جي سگهه آهي۔ خاص طور تي هائبرڊ ورزن، ICE واري ماڊل جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ خاموش آهي، ان جو حرارتي نشان گهٽ آهي ۽ ان جي آپريشنل اوچائي به وڌيڪ آهي.
هائبرڊ ريبِرڊ جو “نه هئڻ جي برابر حرارتي نشان”
اسڪائيٽن موجب، ريبِرڊ هڪ جاسوسي ڊرون آهي۔ اهو سرگرم جنگي علائقن ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو، پر سڌي جنگ لاءِ ناهي. ان جي بدران، اهو ريڊار ۽ نگراني وارا سينسر کڻي ٿو. ان حوالي سان، هائبرڊ ورزن جو گهٽ حرارتي نشان تمام ڪارآمد آهي. اسڪائيٽن جي بيان مطابق، هائبرڊ ريبِرڊ جو “حرارتي نشان تقريبن نه هئڻ جي برابر آهي”، ڇاڪاڻ⁠ته “برقي موٽر، اندروني احتراقي انجڻ جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ گرمي پيدا ڪري ٿي.”
رومن ڪنيازهنڪو وڌيڪ چيو: “هائيڊروجن فيول اهڙو حل آهي، جيڪو اسان کي برقي موٽر جا سڀ فائدا—وڏي ڀروسي لائق هجڻ، طاقت ۽ آساني سان سار سنڀال—ڊگهي وقت تائين لڳاتار اُڏام جي صلاحيت سان گڏ ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو، جيڪا اسان جي UAV جي خاص سڃاڻپ آهي. انهن سڀني خاصيتن جي وچ ۾ توازن برقرار رکڻ اسان لاءِ انتهائي اهم آهي، ڇاڪاڻ⁠ته ريبِرڊ جديد ٽيڪنالاجي سان ليس سامان استعمال ڪندي پيچيده ۽ گهري جاسوسي مشن سرانجام ڏئي ٿو، ۽ اهڙن مشنن جو سراسري مدو 10 ڪلاڪن کان وڌيڪ هوندو آهي.”

تبصرے بند ہیں۔