دبئي: متحده عرب امارات کان پوءِ بحرين به غزه بورڊ آف پيس ۾ شموليت جي آمريڪي دعوت قبول ڪري ورتي آهي.
بحرين جي پرڏيهي وزارت موجب آمريڪا طرفان ڏنل غزه بورڊ آف پيس ۾ شموليت جي دعوت کي شاهه بحرين حماد بن عيسيٰ آل خليفه قبول ڪري ورتو.
بحريني پرڏيهي وزارت موجب اهو فيصلو غزه جي لاءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي 20 نڪتن تي ٻڌل امن منصوبي تي مڪمل عمل ڪرڻ جي حمايت جي ارادي جي عڪاسي ڪري ٿو. ڇو ته اهو منصوبو فلسطيني عوام جي جائز حقن کي تحفظ ڏيڻ جي لاءِ نهايت اهم قرار ڏنو پيو وڃي.
پرڏيهي وزارت موجب بحرين کي اميد آهي ته بورڊ آف پيس پنهنجو حدف حاصل ڪندو. جنهن ۾ گڏيل تعاون کي هٿي ڏيڻ، خطي ۾ استحڪام جي حمايت ۽ سڀني جي لاءِ ترقي، خوشحالي کي حاصل ڪرڻ شامل آهي.
پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب آمريڪا مختلف عالمي اڳواڻن کان مطالبو ڪري رهيو آهي ته اهي صدر ٽرمپ جي سربراهي ۾ قائم انهي بورڊ جو حصو بڻجن ۽ ميمبر ملڪن جي رڪنيت جو مدو وڌ کان وڌ 3 سال هوندو. جڏهن ته بورڊ ۾ مستقل سيٽ جي لاءِ هڪ ارب ڊالر فيس به مقرر ڪئي وئي آهي.
واضح رهي ته انهي کان اڳ متحده عرب امارات آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي غزه امن منصوبي جي تحت ٺاهيل بورڊ آف پيس ۾ شامل هجڻ جي دعوت قبول ڪري ورتي آهي، صدر ٽرمپ انهي بورڊ ۾ وزيراعظم شهباز شريف کي به شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني آهي.
تبصرے بند ہیں۔