گل پلازه سانحي ۾ فوت ٿي ويلن جو انگ 29 ٿي ويو

ڪراچي:  گل پلازه سانحي ۾ فوت ٿي ويل ماڻهن جو انگ 29 ٿي ويو آهي. ريسڪيو اهلڪارن طرفان گل پلازه جو ملبو هٽائڻ جو ڪم جاري آهي جتان کان هڪ لاش جا ڪجهه حصا مليا آهن جنهن کي فوري طور تي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

ريسڪيو اختيارين جو چون آهي ته سانحي ۾ فوت ٿي ويل ماڻهن جو انگ 29 ٿي ويو آهي جڏهن ته ٻين گم ٿي ويل ماڻهن جي ڳولا جو سلسلو جاري آهي.

ٻئي طرف ڊپٽي ڪمشنر سائوٿ جاويد نبي کوسو چيو آهي ته جيستائين هڪ به گم ٿي ويل ماڻهو عمارت اندر آهي انهي وقت تائين عمارت کي نٿا ڪيرائي سگهون. جڏهن سڀ ڪجهه مڪمل ٿي ويندو تڏهن پوري عمارت کي ڪيرائينداسين.

جاويد کوسو چيو ته پاسي ۾ موجود رمپا پلازه کي عارضي طور تي بند ڪيو ويو آهي. ايس بي سي اي کان رمپا پلازه جا نقشا ۽ ٻيون شيون به طلب ڪيون ويون آهن.

 

تبصرے بند ہیں۔