مريم اورنگزيب جي ٽرانسفارميشن, بشريٰ انصاري ۽ زارا نور جي داد

لاهور :  پاڪستان جي مشهور اداڪاره بشريٰ انصاري ۽ زارا نور عباس به مسلم ليگ(ن) جي سينئر اڳواڻ مريم اورنگزيب جي ٽرانسفارميشن جي تعريف ڪرڻ کان سواءِ نه رهي سگهيون. مريم اورنگزيب کي تازو ئي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي پٽ جنيد صفدر جي شادي ۾ ڏٺو ويو جتي هو پنهنجي وزن ۾ گهٽتائي سبب خبرن جي زينت بڻيل آهي. سينئر وزير جنيد صفدر جي شادي جي سمورين تقريبن ۾ شرڪت ڪئي جنهن ۾ هن کي خوبصورت ۽ ڏسڻ جهڙا ڪپڙا پاتل هئا پوءِ اها مهندي هجي، ڄڃ يا وليمو، مريم اورنگزيب تقريبن ۾ ڌيان جو مرڪز بڻيل رهي. سوشل ميڊيا تي تصويرون سامهون اچڻ کان پوءِ ڪيترن ئي صارفين جي حيرت جي انتها نه رهي جڏهن ته بشريٰ انصاري ۽ زارا نور به انهي جي تعريف ڪئي. بشريٰ انصاي پنهنجي سوشل اڪائونٽ انسٽا گرام تي مريم اورنگزيب جي تعريف ڪندي لکيو ته مريم کي بطور انسان ويجهو کان سڃاڻان ٿي انهي جو وزن گهٽ ڪرڻ جو سفر محنت، مضبوط ارادي ۽ مستقل مزاجي جي عڪاسي ڪري ٿو. شاباش مريم اوهان تمام گهڻي خوبصورت لڳي رهي آهيو.(ماشاءَالله)

تبصرے بند ہیں۔