جنوري کان جون دوران 18 ميگا اسپورٽس ايونٽس منعقد ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي: سنڌ حڪومت جنوري کان جون 2026 دوران 18 ميگا اسپورٽس ايونٽس منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي۔
مارچ جي آخري هفتي ۾ ننگرپارڪر ۾ ٿر جيپ ريلي ڪرائي ويندي، جنهن جو ٽريڪ 150 ڪلوميٽر تائين وڌايو ويو آهي۔ 19هين سنڌ گيمز اپريل جي پهرين هفتي ۾ ڪرائڻ جي تجويز آهي، جڏهن ته صوبي ڀر ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽس، فيسٽيولز، بيچ گيمز، اسپيشل گيمز ۽ ٻيون راندين جون سرگرميون پڻ شيڊول جو حصو آهن۔
نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ راندين جو فروغ سنڌ حڪومت جي اهم ترجيحن ۾ شامل آهي۔

تبصرے بند ہیں۔