ڪراچي : ڪراچي ۾ سيف سٽي ڪيمرائن ذريعي اي-چالان کان پوءِ هاڻي هڪ خاص موبائل فون ايپ ذريعي اي-چالان پڻ شروع ڪيا پيا وڃن، پوليس عملدارن موجب ان حوالي سان هڪ خاص ايپ تيار ڪئي وئي آهي، جيڪا جلد ئي تجرباتي بنيادن تي شروع ڪئي ويندي، عملدارن موجب هي ايپ ڪراچي جي مجاز پوليس آفيسرن جي ذاتي موبائل فونن ۾ ڊائون لوڊ ڪئي ويندي، جيڪڏهن ڪو پوليس آفيسر ڊيوٽي دوران پنهنجي علائقي ۾ ٽرئفڪ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ گاڏي کي ڏسندو ته هو ايپ ذريعي تصوير ڪڍندو، عملدارن چيو ته خودڪار نظام تحت، اها تصوير ٽرئفڪ پوليس جي اي-چالاننگ آفيسر ڏانهن ويندي، جيڪو هن خلاف ورزي لاءِ اي-چالان جاري ڪندو، جڏهن ته ٽرئفڪ پوليس آفيسر جي سڃاڻپ به چالان ۾ ڪئي ويندي.
تبصرے بند ہیں۔