واشنگٽن: وائيٽ هائوس جي ترجمان ڪيرولين لوٽ چيو آهي ته ايران جي معاملي تي سڀ آپشن کليل آهن.ميڊيا سان ڳالهائيندي وائيٽ هائوس جي ترجمان چيو ته جيڪڏهن ايران ۾ قتل عام جاري رهيو ته سنگين نتيجا نڪرندا، ايران ۾ 800 موت جي سزا روڪي وئي آهي، صدر ٽرمپ ايران جي صورتحال تي ويجهي نظر رکي رهيو آهي.هن چيو ته گرين لينڊ ۾ يورپي ملڪن پاران فوجي اهلڪارن جي تعیناتي صدر ٽرمپ جي فيصلي تي اثر انداز نه ٿيندي، ۽ گرين لينڊ ۽ ڊينمارڪ تي ڳالهيون جاري رهنديون.ڪيرولين لوٽ وڌيڪ چيو ته ڊينمارڪ ۽ گرين لينڊ بابت ملاقات مثبت هئي، صدر ٽرمپ گرين لينڊ جي معاملي تي سڀني آپشن تي غور ڪري رهيو آهي.
تبصرے بند ہیں۔