پشاور: خيبرپختونخواهه حڪومت صدر آصف علي زرداري، اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ۽ پي ٽي آءِ باني عمران خان سميت اهم سياسي شخصيتن جي نالن تي جاري ڪيل نمبر پليٽس جي نيلامي جو فيصلو ڪري ورتو آهي.صوبائي وزير ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن فخر جهان نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي چيو ته سياسي، قومي شخصيتن جي نالن تي جاري فينسي ۽ يونيڪ چوائس نمبر پليٽس جي نيلامي 27 جنوري تي نشتر هال پشاور ۾ منعقد ڪئي ويندي.فخر جهان موجب فينسي نمبر پليٽس جي ٻولي جي شروعات 10 لک روپين کان شروع ٿيندي جڏهن ته سڀني کان وڌيڪ ٻولي ڏيندڙ کي پنهنجي پسنديده، سياسي يا قومي شخصيت جي نالي جي نمبر پليٽ ڏني ويندي. هن چيو ته مرحليوار ٻئي قومي قيادت، مشهور شخصيت، علائقن جي نالي سان جڙيل نمبر پليٽس به نيلامي ۾ شامل ڪيون وينديون.صوبائي وزير ٻڌايو ته نيلامي جي عمل ۾ گاڏين جا مالڪ تمام گهڻي دلچسپي وٺي رهيا آهن انهي قدم سان قومي ناڻي کي نمايان فائدو پهچندو. يونيڪ نمبر پليٽس کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ شهرين دستڪ ايپ جي ذريعي درخواستون ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن.ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي خيبرپختونخواهه موجب فينسي نمبر پليٽس جي نيلامي بابت باقاعده اشتهار جاري ڪيو ويو آهي. جڏهن ته نيلامي ۾ شرڪت جي لاءِ شهري دستڪ ايپ جي ذريعي درخواست جمع ڪرائي سگهن ٿا. درخواست جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 26 جنوري 2026 مقرر ڪئي وئي آهي.
تبصرے بند ہیں۔