سي ٽي ڊي جي ڊيره اسماعيل خان ۾ ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ ڪارروائي، 3 گهربل دهشتگرد مارجي ويا

ڊيره اسماعيل خان:  سي ٽي ڊي ڊيره اسماعيل خان ريجن ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ ڪارروائي ۾ 3 گهربل دهشتگرد مارجي ويا.

ڪارروائي ۾ مارجي ويل دهشتگردن جي سڃاڻپ نعمت الله، عبدالرئوف افغاني ۽ مصطفيٰ جي نالن سان ٿي آهي. مارجي ويل دهشتگرد سڌو سنئون پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز تي حملن ۾ ملوث هئا. مارجي ويل دهشتگردن کان 3 ڪلاشنڪوف، 3 ميگزين، 2 هينڊ گرينيڊز ۽ ڪيترائي ڪارتوس هٿ آيا آهن.

آءِ جي خيبرپختونخواهه پوليس ۽ ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي ڪامياب ڪارروائي تي سي ٽي ڊي ٽيمز کي خراج تحسين پيش ڪيو. آءِ جي خيبرپختونخواهه پوليس چيو ته پوليس تي حملن جو جواب آخري خارجي جي خاتمي سان ڏنو ويندو. انٽيليجنس بيسڊ آپريشن جو سلسلو وڌيڪ تيز ڪري خارجين جو خاتمو يقيني بنائينداسين.

انسپيڪٽر جنرل آف پوليس خيبرپختونخواهه جي خصوصي هدايتن تي پوليس تي حملن جي رد عمل ۾ فتنته الخوارج جي خلاف ٽارگيٽيڊ آپريشن جو سلسلو وڌيڪ تيز ڪيو ويو آهي جنهن جي تسلسل ۾ اڄ صبح ڊيره اسماعيل خان ريجن سي ٽي ڊي ڳجهي اطلاع تي ڪامياب ڪارروائي ڪئي.

سي ٽي ڊي ٽيمز واقعي واري هنڌ پهچي دهشتگردن کي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو جن گرفتاري کان بچڻ لاءِ فائرنگ ڪئي. سي ٽي ڊي ٽيمز حق خود حفاظت جي لاءِ جوابي ڪارروائي جنهن جي نتيجي ۾ خارجي دهشتگرد مارجي ويا.

سرچ آپريشن جي دوران 3 دهشتگردن جا لاش هٿ آيا، جن جي سڃاڻپ  نعمت الله، عبدالرئوف افغاني ۽ مصطفيٰ جي نالن سان ٿي. ٽئي دهشتگرد پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز تي حملن ۾ ملوث هئا. علائقي ۾ وڌيڪ دهشتگردن ۽ سهولتڪارن جي موجودگي کي نظر ۾ رکندي سرچ آپريشن سميت جاچ جو دائرو به وڌايو ويو آهي.

انسپيڪٽر جنرل آف پوليس خيبرپختونخواهه ذوالفقار حميد ۽ ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي ڪامياب ڪارروائي تي سي ٽي ڊي اسپيشل ويپنز اينڊ ٽيڪنڪس ٽيمز جي جوانن کي کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته فتنته الخوارج کي عبرت جو نشانو بنائڻ جي لاءِ ٽارگيٽيڊ آپريشن جو سلسلو وڌيڪ تيز ڪيو ويندو.

هن وڌيڪ چيو ته پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز تي حملن جو رد عمل انتهائي سخت هوندو ۽ آخري خارجي جي مارجي وڃڻ تائين آپريشن جو سلسلو جاري رهندو.

تبصرے بند ہیں۔