ڪراچي: ورلڊ بينڪ ڪي فور ۽ ريڊ لائن منصوبن تي اعتراض اٿاري ڇڏيو

ڪراچي:   ڪراچي جي مشهور ترين يونيورسٽي روڊ تان گذرندڙ شهرين جي لاءِ خراب خبر سامهون اچي وئي آهي، عالمي مالياتي اداري ورلڊ بينڪ ڪي فور ۽ ريڊ لائن منصوبن ۾ حفاظتي قدمن جي گهٽتائي ۽ ماهرن جي غير موجودگي تي سخت اعتراض اٿاريندي ڪم کي روڪي ڇڏيو آهي. جنهن سبب ٻئي منصوبا دير ۽ غير يقيني صورتحال جو شڪار ٿي ويا آهن.

رپورٽ موجب ڪراچي جو ريڊ لائن منصوبو شهرين جي لاءِ هڪ اهڙي ريڊ لائن بڻجي چڪو آهي جنهن کي ڪراس ڪرڻ مشڪل ٿي ويو آهي. يونيورسٽي روڊ اڳ ئي ٽريفڪ ۽ ٻين مسئلن جو شڪار هئي پر جيڪو ٿورو گهڻو رستو موجود هو انهي کي بلاڪ ڪري ڪي فور منصوبي تي ڪم شروع ڪيو ويو.

منصوبي جي تحت اردو يونيورسٽي کان حسن اسڪوائر تائين 2.7  ڪلو ميٽر جي حصي تي 96 ۽ 72 انچ قطر جي پائپ لائن وڇائڻي هئي.  سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پائپ لائن وڇائڻ جي لاءِ 30 ڊسمبر جي ڊيڊ لائن مقرر ڪئي وئي هئي، پر مقرر وقت گذرڻ جي باوجود صرف 300 ميٽر تي 96 انچ جي لائن ئي وڇائي وئي. جڏهن ته 72 انچ جي پائپ لائن جو ڪم اڃان تائين شروع نه ٿي سگهيو آهي.

رپورٽ موجب منصوبي جي شروعات تي مقرر ماحولياتي ماهر به ڪم شروع ٿيندي ئي نوڪري ڇڏي هليا ويا. روڊ بند ڪرڻ جي هدايتن جي باوجود وهندڙ پاڻي جي وچ ۾ گاڏيون اينديون وينديون رهنديون آهن جنهن سب شهرين کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پيو.

عالمي بينڪ جي ٽيم 9 نومبر تي منصوبي جي سائٽ جو دورو ڪيو. جتي حفاظتي انتظامن جي کوٽ ۽ ماهرن جي غير موجودگي تي سخت خدشن جو اظهار ڪيو ويو. اهڙن خدشن کان پوءِ آخرڪار 10 ڊسمبر تي ورلڊ بينڪ کي منصوبي تان هٿ کڻڻو پيو. انهي معاملي تي سرڪاري آفيسرن سان به رابطي جي ڪوشش ڪئي وئي پر ڪوبه مناسب جواب نه ملي سگهيو. پرائيويٽ ڪنسلٽنٽ روايتي هيٺ  مٿانهين کان ڪم وٺندي دعويٰ ڪئي ته عالمي بينڪ جا اعتراض ختم ڪيا ويا آهن جلد ڪم ٻيهر شروع ڪيو ويندو.

ٻئي طرف ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب به منصوبن تي جلد ڪم شروع ٿيڻ جو واعدو ڪيو آهي. ڏٺو وڃي ته ممڪن آهي ته ٻن ٽن ڏينهن ۾ ڪم ٻيهر شروع ٿي وڃي پر اهو منصوبو ڪڏهن مڪمل ٿيندو انهي جي ڪابه واضح گارنٽي موجود نه آهي انهي صورتحال ۾ يونيورسٽي روڊ تان گذرڻ شهرين جي لاءِ بدستور هڪ امتحان بڻيل رهندو.

 

تبصرے بند ہیں۔