واشنگٽن:آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪا ايران جي صورتحال تي نظر رکيو ويٺو آهي، ۽ جيڪڏهن ايران ۾ ماڻهن کي قتل ڪيو ويو ته آمريڪا مداخلت ڪندو.
هڪ بيان ۾ صدر ٽرمپ چيو ته ايراني حڪومت سالن کان پنهنجي عوام سان خراب سلوڪ ڪندي رهي آهي، ۽ اڄ ايراني حڪومت کي پنهنجي عوام طرفان ان جو جواب ملي رهيو آهي.
ٽائمز ميگزين پنهنجي هڪ تازي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته مهنگائي خلاف احتجاج جي تازي لهر ۾ 217 شهري مارجي چڪا آهن.
صدر ٽرمپ چيو ته آمريڪا ايران جي صورتحال تي نظر رکي ويٺو آهي، ۽ جيڪڏهن ايران ۾ ماڻهن کي قتل ڪيو ويو ته آمريڪا مداخلت ڪندو، پر ان جو مطلب ايران ۾ فوج لاھڻ ناهي.
سندس چوڻ هو ته ايران هن وقت وڏي مصيبت ۾ آهي، ۽ مون کي ائين لڳي ٿو ته ايران جي ڪجهه شهرن تي ماڻهو قابض ٿي ويا آهن.
صدر ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪ-ڀارت جنگ جو ذڪر ڪندي چيو ته هن پاڪستان ۽ ڀارت سميت اٺ جنگيون روڪيون، پاڪ-ڀارت جنگ دوران اٺ جهاز ڪيرايا ويا، ۽ پاڪستاني وزيراعظم چيو ته صدر ٽرمپ هڪ ڪروڙ جانيون بچايون.
تبصرے بند ہیں۔