پگهاردار طبقو ٽيڪس ڏيڻ ۾ ٻيهر اڳتي، 226 ارب ٽيڪس ادا

اسلام آباد : هڪ ڀيرو ٻيهر، پگهاردار طبقو ٽيڪس ادا ڪرڻ ۾ سڀ کان اڳتي آيو.جولاءِ کان ڊسمبر 2025 تائين نه ته ڪاروباري برادري، نه ريئل اسٽيٽ، نه ئي زراعت، سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ادا ڪيو، جيڪو 226 ارب رپيا هو.پگهاردار طبقي پاران ادا ڪيل هي ٽيڪس ريئل اسٽيٽ سيڪٽر جي ڀيٽ ۾ ٻيڻو آهي.ايف بي آر موجب، پگهاردار طبقي جي ٽيڪس ڪليڪشن گذريل مالي سال جي ڀيٽ ۾ 23 ارب رپيا يا 9 سيڪڙو وڌيڪ هئي.ايف بي آر جو چوڻ آهي ته جولاءِ کان ڊسمبر تائين رئيل اسٽيٽ سيڪٽر کان ود هولڊنگ ٽيڪس جي مد ۾ 126 ارب رپيا گڏ ڪيا ويا، جيڪو گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 17 سيڪڙو وڌيڪ آهي.

تبصرے بند ہیں۔