ٽي ملڪي انڊر 19 سيريز، پاڪستان فائنل ۾ پهچي ويو

لاهور : پاڪستان ٽي ملڪي انڊر 19 ون ڊي سيريز ۾ افغانستان کي 133 رنسن سان شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪيو.افغانستان انڊر 19 خلاف پهرين بيٽنگ ڪندي، پاڪستان 50 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 238 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ سمير منهاس 56 ۽ عثمان خان 43 رنسون ٺاهيون.هدف جي تعاقب ۾، افغانستان انڊر 19 ٽيم 31 هين اوور ۾ 105 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي، جنهن ۾ عمر زيب 5 وڪيٽون ورتيون.ٽي ملڪي سيريز جو فائنل آچر تي پاڪستان انڊر 19 ۽ زمبابوي انڊر 19 ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويندو.سيريز جو آخري ميچ آچر تي پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ کيڏيو ويندو، جڏهن ته فائنل 6 جنوري تي کيڏيو ويندو.

تبصرے بند ہیں۔