اسلام آباد: صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف پاڪ فضائيه طرفان مقامي طور تي تيار ڪيل تيمور ويپن سسٽم جي ڪامياب تجربي تي قوم کي مبارڪباد ڏني آهي.
صدر آصف علي زرداري پاڪستان فضائيه کي ڪامياب تجربي تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته مقامي سطح تي جديد هٿيارن جي تياري قومي صلاحيت، اداره جاتي مهارت جي چٽي عڪاسي آهي.
هن چيو ته پاڪ فضائيه جي انهي ڪاميابي سان ملڪي دفاع وڌيڪ مضبوط ۽ خطي ۾ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي ذميوارانه دفاعي پاليسي کي هٿي ملي آهي. اها ڪاميابي قومي دفاع ۾ خود انحصاري جي سفر ۾ هڪ اهم اڳڀرائي آهي. پنهنجي بيان ۾ صدر زرداري سائنسدانن، انجنيئرز ۽ پاڪ فضائيه جي آفيسرن، جوانن جي محنت پيشوارانه لگن ۽ قومي خدمت جي جذبي جي تعريف ڪندي چيو ته دفاعي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي کي هٿي ڏيڻ سان پاڪستان جي سلامتي ۽ خودمختاري جي تحفظ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف به پاڪ فضائيه طرفان مقامي طور تي تيار ڪيل تيمور ويپن سسٽم جي ڪامياب تجربي تي قوم کي مبارڪباد ڏني آهي. هن ڪامياب تجربي تي پاڪ فضائيه کي مبارڪباد ڏيڻ سان گڏوگڏ چيف آف آرمي اسٽاف، چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، چيف آف ايئر اسٽاف، ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سدهو ۽ ميزائل سسٽم تي ڪم ڪندڙ سائنسدانن کي به خراج تحسين پيش ڪيو آهي.
وزيراعظم پاڪستان جي دفاعي صلاحيتن کي مضبوط بنائڻ جي لاءِ پاڪ فضائيه جي پيشه مهارت لگن ۽ ارادي کي ڀرپور موٽ ڏني ۽ چيو ته تيمور ويپن سسٽم جي بدولت ملڪ جو دفاع وڌيڪ مستحڪم ٿيندو. ڪامياب فلائيٽ ٽيسٽ پاڪستان جي دفاعي صنعت جي ٽيڪنيڪي پختگي، جدت ۽ خودانحصاري جي نشاندهي ڪري ٿو.
شهباز شريف وڌيڪ چيو ته تيمور ويپن سسٽم جو ڪامياب تجربو پاڪ فضائيه جي آپريشنل تياري، ٽيڪنيڪي برتري ۽ قومي سلامتي جي مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ مسلسل ڪوششن جي عڪاسي ڪري ٿو.
هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه به تيمور ويپن سسٽم جي ڪامياب تجربي تي پاڪستان ايئرفورس کي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته تيمور ويپن سسٽم پاڪستان ايئر فورس جو هڪ نمايان ڪارنامو آهي.
هن چيو ته پاڪستان جون دفاعي صلاحيتون آزمايل آهن. پاڪ فضائيه تازو ئي پنهنجي صلاحيتن سان دشمن جي دل ۾ دٻدٻو ويهاريو آهي. تيمور ويپن سسٽم دفاعي صلاحيتن ۾ خود انحصاري جو اعلان آهي. پاڪستان جو دفاع ضروري آهي. سنڌ جي وڏي وزير شريڪ يونٽس، سائنسدانن، انجنيئرز جي اهم خدمتن تي کين خراج تحسين به پيش ڪيو.
تبصرے بند ہیں۔