راولپنڊي: چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته ڀارتي اسپانسرڊ (پراڪسيز) بلوچستان ۾ تشدد ڦهلائڻ ۽ ترقي ۾ رڪاوٽ وجهڻ جو سلسلو جاري رکيو آهي، انهن جي ناپاڪ عزمن کي سيڪيورٽي فورسز جي سخت ڪارروائين ذريعي ناڪام بڻايو ويندو ته جيئن صوبي کي دهشتگردي ۽ بد امني کان پاڪ ڪري سگهجي. آءِ ايس پي آر مطابق فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جنرل هيڊڪوارٽرز ۾ بلوچستان جي حوالي سان منقعد 18 هين نيشنل ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪري رهيو هو. ان ورڪشاپ جو محور بلوچستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ پاڪستان لاءِ ان جي اسٽريٽجڪ اهميت جو جائزو وٺڻ هو. پنهنجي خطاب دوران فيلڊ مارشل بلوچستان جي عوام جي همٿ ۽ حب الوطني کي ساراهيو ۽ پاڪستان جي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ بلوچستان جي اهميت تي روشني وڌي. هن وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن طرفان کنيل ڊگهي مدي وارن قدمن جي تعريف ڪندي عوامي مفاد تي ٻڌل ان نقطه نظر تي زور ڀريو جنهن جو مقصد صوبي جي سماجي ۽ اقتصادي حالتن کي بهتر بنائڻ ۽ ان جي وسيع معاشي صلاحيتن کي عوام جي فائدي لاءِ ڪتب آڻڻ آهي. هن سول سوسائٽي جي تعميري ڪردار خاص ڪري پروپيگنڊا کي بي نقاب ڪرڻ ۾ سندن ڪاوشن کي ساراهيو ۽ پائيدار ترقي حاصل ڪرڻ ۾ انهن جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته مفاد پرست سياسي ايجنڊائن کي رد ڪرڻ اڻٽر آهي ته جيئن بلوچستان جي مستقبل کي ڊگهي مدي واري خوشحالي مطابق اختيار ڪري سگهجي. سيڪيورٽي چئلينجز جو ذڪر ڪندي فيلڊ مارشل رمارڪس ڏنا ته ڀارت جي سرپرستي سان هلندڙ پراڪسيز بلوچستان ۾ تشدد ڦهلائڻ ۽ ترقي ۾ رڪاوٽ وجهڻ جو سلسلو جاري رکيو آهي. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته انهن جي ناپاڪ عزمن کي سيڪيورٽي فورسز جي سخت ڪارروائين زريعي ناڪام بڻايو ويندو ته جيئن صوبي کي دهشتگردي ۽ بد امني کان پاڪ ڪري سگهجي. علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجائيندي فيلڊ مارشل واضح ڪيو ته پاڪستان جي علائقائي سلامتي جي ڪنهن به ڀڃڪڙي جو ڀرپور ۽ فيصلائتو جواب ڏنو ويندو. پاڪستان جي هٿياربند فوج پنهنجي شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي. ورڪشاپ جي پڄاڻي تي سوال ۽ جواب جو سيشن ٿيو جنهن ۾ فيلڊ مارشل شرڪت ڪندڙن جي سوالن جا جواب ڏنا ۽ بلوچستان جي ترقي ۽ سلامتي لاءِ جاري ڪوششن جي حوالي سان وڌيڪ بصيرت فراهم ڪئي.
تبصرے بند ہیں۔