آسٽريليا پاران ٽي 20 ورلڊ ڪپ لاءِ شروعاتي اسڪواڊ جو اعلان

ميلبرن:آسٽريليا آءِ سي سي ٽي 20 ورلڊ ڪپ لاءِ پنهنجي ابتدائي اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ پيٽ ڪمنز، ڪيمرون گرين ۽ ڪوپر ڪونولي جي ٽيم ۾ واپسي ٿي آهي.چيف سليڪٽر جارج بيلي جو چوڻ آهي ته اهي ٽئي رانديگر تازو ئي ڀارت خلاف سيريز لاءِ اسڪواڊ مان غير حاضر هئا.هن چيو ته پيٽ ڪمنز، جوش هيزل ووڊ ۽ ٽم ڊيوڊ رڪرو ڏانهن وڌي رهيا آهن، پراعتماد آهي ته ٽئي ورلڊ ڪپ لاءِ دستياب هوندا.جارج بيلي چيو ته هي اڃا تائين هڪ ابتدائي اسڪواڊ آهي ۽ جيڪڏهن ضرورت پئي ته راندين جي دور ۾ تبديليون ڪيون وينديون.چيف سليڪٽر جارج بيلي چيو ته پاڪستان خلاف ٽن ٽي 20 ميچن لاءِ اسڪواڊ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.اسڪواڊ ۾ ڪپتان مچل مارش، زيويئر بارٽليٽ، ڪوپر ڪونولي ۽ نيٿن ايلس، پيٽ ڪمنز، ٽم ڊيوڊ، ڪيمرون گرين، جوش هيزل ووڊ ۽ ٽريوس هيڊ شامل آهن، ان کان علاوه جوش انگلس، ميٿيو ڪوهنمن، گلين ميڪسويل، ميٿيو شارٽ، مارڪس اسٽوئنس ۽ ايڊم زمپا شامل آهن.ياد رهي ته ٽي 20 ورلڊ ڪپ 7 فيبروري کان ڀارت ۽ سريلنڪا ۾ کيڏيو ويندو.

تبصرے بند ہیں۔