ڪراچي: سنڌ سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو جنهن سبب ٿڌ جي شدت ۾ واڌ ٿي وئي آهي.
ڪراچي ۾ سياري جي موسم جي پهرين برسات شروع ٿي وئي. رات دير سان آءِ آءِ چندريگر روڊ، پي آءِ ڊي سي، سلطان آباد، ضياءُالدين احمد روڊ، سول لائنز ۾ ڪڪر وسيا.
شاهراهه فيصل، طارق روڊ، صدر، سولجر بازار، جمشيد روڊ چوڌاري علائقن ۾ به ڪڪر وسيا. سائٽ ايريا، ميٽروول، اورنگي ٽائون ۾ به ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات پئي. اڄ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 16 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته هاڻ شهر ۾ وڌيڪ برسات جو امڪان نه آهي پر ڪنهن ڪنهن هنڌ تي صبح جي ٽائيم هلڪي برسات پئجي سگهي ٿي.
ٻئي طرف ڪوئٽه ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ برسات پئي جنهن سبب 40 کان وڌيڪ فيڊر بند ڪيا ويا. ڪوئٽه جي سمنگلي روڊ، اسپني روڊ، بروري، مغربي باءِ پاس اونداهي ۾ ٻڏي ويا. لسبيله ۽ وندر ۾ به برسات پئي.
هوڏانهن پشاور، بنون، ڪرڪ ۾ به برسات پئي. خيبرپختونخواهه ۾ به برسات جو سلسلو ايندڙ ڪجهه ڏينهن تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي. لاهور، راولپنڊي، فيصل آباد سميت پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ به اڄ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. چلاس شهر ڀرپاسي ۾ گذريل رات کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي. مٿانهين وادين سان رابطي جا روڊ بند ٿي چڪا آهن.
تبصرے بند ہیں۔