ڪوئيٽا: ڪوئيٽا ۽ ان جي آس پاس جي علائقن ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا.زلزلي جي مرڪز موجب، ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 2.9 رڪارڊ ڪئي وئي، زلزلي جي کوٽائي 30 ڪلوميٽر هئي، جڏهن ته مرڪز ڪوئيٽا کان 40 ڪلوميٽر اتر اوڀر ۾ هو.جڏهن زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا ته شهري ڪلمه طيبه جو ورد ڪندي پنهنجن گهرن مان ٻاهر نڪري آيا. اڃا تائين ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جي اطلاع ناهي ملي.ياد رهي ته 26 ڊسمبر تي بلوچستان جي راڄڌاني ڪوئيٽا ۾ به زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا هئا.زلزلي جي مرڪز موجب، زلزلي جي شدت 2.4 ۽ 10 ڪلوميٽر جي کوٽائي رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته مرڪز ڪوئيٽا کان 38 ڪلوميٽر اتر اولهه ۾ هو.
تبصرے بند ہیں۔