ڪراچي: موسميات کاتي ڪراچي ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. 30 ڊسمبر تي شهر ۾ رات جو هلڪي برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
موسميات کاتي جي ارلي وارننگ سينٽر اڳڪٿي ڪئي آهي ته 30 ڊسمبر تي شهر ۾ موسم جهڙالو رهندو، رات جو هلڪي برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
موسميات کاتي ٻڌايو ته شهر ۾ برسات جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ پارو 11 ڊگري تائين ڪري سگهي ٿو. جڏهن ته شهر جو وڌ کان وڌ گرمي پد وڌيڪ گهٽ ٿي 25 ڊگري رڪارڊ ٿي سگهي ٿو.
ڪراچي جي موسم جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته 3 ڏينهن جي دوران شهر ۾ خشڪ موسم ۽ راتيون ٿڌيون رهڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب 30 ڊسمبر تي اندروني سنڌ جي علائقي دادو، جيڪب آباد، ڪشمور، لاڙڪاڻو، حيدرآباد، بدين ۽ ٺٽي ۾ به هلڪي برسات جو امڪان آهي.
تبصرے بند ہیں۔