نائيجيريا: آمريڪا جا داعش جي مبينا ٺڪاڻن تي حملا

نيويارڪ : آمريڪي صدر ٽرمپ چيو آهي ته داعش نائيجيريا ۾ عيسائين کي بي رحمي سان قتل ڪري رهي هئي، اهو ئي سبب آهي جو جنگ کاتي اتي ڪيترائي ڪامياب حملا ڪيا آهن.پرڏيهي ميڊيا موجب، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪا اتر اولهه نائيجيريا ۾ داعش جي دهشتگردن خلاف هڪ طاقتور ۽ موتمار حملو ڪيو آهي.ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته اهي حملا تمام صحيح ۽ ڪامياب هئا.هن وڌيڪ چيو ته داعش عيسائين کي اهڙي بي رحمي سان قتل ڪري رهي هئي جيڪا صدين ۾ نه ڏٺي وئي هئي.

تبصرے بند ہیں۔