ڪراچي: پوپ ليو يوڪرين ۽ روس تي زور ڏنو آهي ته هو جنگ جي خاتمي لاءِ سڌيون ڳالهيون ڪرڻ جي “همت” پيدا ڪن. هن اهو مطالبو سينٽ پيٽرز اسڪوائر ۾ ڪرسمس جي موقعي تي پنهنجي پهرين خطاب دوران ڪيو.
پوپ ويٽيڪن سٽي ۾ گڏ ٿيل عبادت ڪندڙن کي ڪرسمس جي ڏينهن روايتي خطاب ڪندي دنيا جي مختلف حصن ۾ هلندڙ تڪرارن جي خاتمي لاءِ اپيل ڪئي.
يوڪرين بابت ڳالهائيندي پوپ چيو: “هٿيارن جو شور ماٺ ٿي وڃي، ۽ لاڳاپيل ڌريون عالمي برادري جي سهڪار ۽ واعدي سان گڏ، خلوص، سڌي ۽ بااحترام ڳالهه ٻولهه ۾ شامل ٿيڻ جي همت پيدا ڪن.”
پوپ جي اها اپيل اهڙي وقت سامهون آئي آهي، جڏهن آمريڪا جي اڳواڻي هيٺ جنگ ختم ڪرائڻ لاءِ ڳالهيون جاري آهن.
آمريڪا ڪيئف ۽ ماسڪو جي وچ ۾ ثالثي جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته جيئن ٻنهي ڌرين کي قبول ٿيندڙ معاهدو طئي ٿي سگهي، پر سفارتي ڪوششن جي هن تازي مرحلي دوران جنگ ڪندڙ ڌرين وچ ۾ سڌيون ڳالهيون نه ٿي سگهيون آهن.
پوپ ليو دنيا جي ٻين علائقن ۾ به جاري افراتفري ۽ تڪرارن جي مذمت ڪئي، جن ۾ ٿائيلينڊ ۽ ڪمبوڊيا به شامل آهن، جتي جولاءِ ۾ جنگبندي باوجود سرحدي جهيڙا ٻيهر ڀڙڪي پيا آهن.
هن ڏکڻ اوڀر ايشيا جي انهن ملڪن کي اپيل ڪئي ته هو پنهنجي “قديم دوستي” کي بحال ڪن ۽ “ميل ميلاپ ۽ امن” لاءِ ڪم ڪن.
ان کان اڳ، ڪرسمس جي ڏينهن سينٽ پيٽرز بيسيليڪا ۾ وعظ دوران پوپ ليو سڄي دنيا ۾ بي گهر ماڻهن جي حالت ۽ تڪرارن سبب ٿيندڙ نقصان تي افسوس ظاهر ڪيو.
پوپ چيو: “بي وس آباديءَ جو جسم نازڪ آهي، جيڪو ڪيترين ئي هلندڙ يا ختم ٿيل جنگين جي آزمائش مان گذريو آهي، جيڪي پٺيان کنڊر ۽ کليل زخم ڇڏي ويون آهن.”
هن چيو ته حضرت عيسىٰ جي پيدائش جي ڪهاڻي ڏيکاري ٿي ته خدا ماڻهن جي وچ ۾ “پنهنجو نازڪ خيمو” کوڙيو. پوءِ هن فلسطينين جي حالت ڏانهن ڌيان ڇڪائيندي سوال ڪيو: “پوءِ اسان غزه ۾ انهن خيمن بابت ڇو نه سوچيون، جيڪي هفتن کان برسات، هوا ۽ سيءَ کي منهن ڏئي رهيا آهن؟”
غزه ٻن سالن کان جاري جنگ دوران اسرائيلي بمباري سبب تباهه ٿي چڪو آهي، جيڪا 7 آڪٽوبر 2023 تي حماس جي اسرائيل تي حملي کان پوءِ شروع ٿي.
سياري جي طوفانن غزه جي 21 لک آباديءَ جون تڪليفون وڌيڪ وڌائي ڇڏيون آهن، جن مان لڳ ڀڳ سڀ ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن ۽ سندن گهرن کي نقصان پهتو يا مڪمل طور تباهه ٿي ويا آهن.
امدادي ادارن اسرائيل کان مطالبو ڪيو آهي ته غزه ۾ وڌيڪ خيما ۽ تڪڙي ضرورت جو سامان اندر آڻڻ جي اجازت ڏني وڃي. غزه جي سرحدي گذرگاهن کي ڪنٽرول ڪندڙ اسرائيلي فوجي اداري ڪوگاٽ ڄاڻي واڻي امداد روڪڻ جي الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته آڪٽوبر ۾ جنگبندي شروع ٿيڻ کان پوءِ لڳ ڀڳ 3 لک 10 هزار خيما ۽ ترپالون غزه پهچايون ويون آهن.
پچھلی پوسٹ
تبصرے بند ہیں۔