اسلام آباد : پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) سڀني سمن کي استعمال ڪندڙ جي پنهنجي نالي تي رجسٽرڊ ڪرڻ لازمي قرار ڏنو آهي.هڪ بيان ۾، پي ٽي اي چيو ته ڪنهن ٻئي جي نالي تي رجسٽرڊ سم استعمال ڪرڻ قانون جي خلاف ورزي آهي، ۽ رجسٽرڊ استعمال ڪندڙ سم جي ڪنهن به غلط استعمال جو مڪمل طور تي ذميوار هوندو.پي ٽي اي موجب، استعمال ڪندڙ پنهنجي سمن ۽ ٽيليڪام ڪنيڪشن جي استعمال جا ذميوار هوندا.پي ٽي اي موجب، ڪالز، پيغامن ۽ ڊيٽا جي استعمال جي ضابطن جي تعميل ڪرڻ پڻ لازمي آهي، ۽ خلاف ورزي جي صورت ۾ قانوني ڪارروائي ڪري سگهجي ٿي.
تبصرے بند ہیں۔