فوجي فرٽيلائيزر عارف حبيب ڪنسورشيم ۾ شامل ٿي وئي

لاهور: فوجي فرٽيلائيزر ڪمپني قومي ايئر لائن جي نجڪاري جي معاملي تي عارف حبيب ڪنسورشيم ۾ شامل ٿي وئي آهي.ڪنسورشيم پاران جاري ڪيل هڪ بيان ۾ قومي ايئر لائن جي نجڪاري جي معاملي تي عارف حبيب ڪنسورشيم ۾ فوجي فرٽيلائيزر ڪمپني جي شموليت جي تصديق ڪئي وئي آهي، بيان ۾ چيو ويو آهي ته هي ڀائيواري ايئر لائن جي مالي مدد ۽ ڪارپوريٽ ماهريت جو حصو هوندي، ڪنسورشيم 135 ارب رپين جي بلند ترين بولي مان 75 سيڪڙو شيئر حاصل ڪيا.بيان موجب، فوجي فرٽيلائيزر عارف حبيب ڪنسورشيم سان انتظامي ڍانچي جو حصو هوندو، ۽ پهرين سال ۾ زميني آپريشن جي اپ گريڊيشن تي 125 ارب رپين جي سيڙپڪاري ڪئي ويندي.

تبصرے بند ہیں۔