ڪراچي: سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ موٽر سائيڪل سوارن تي لڳايل ڳرا چالان گهٽ ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.
ذريعن موجب ڪراچي ۾ اي چالان بابت سنڌ اسيمبلي جي خصوصي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ اپوزيشن اڳواڻ علي خورشيدي جي مطالبي تي سنڌ حڪومت موٽر سائيڪلن جا چالان گهٽ ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪيو آهي.
اهو اجلاس صوبائي گهرو وزير ضياءُالحسن لنجار جي سربراهي ۾ ٿيو. ذريعن ٻڌايو ته 1000 سي سي تائين گاڏين جي ڏنڊن ۾ گهٽتائي ڪئي ويندي.
علي خورشيدي چيو ته اسان شهر ۾ بينرز به ناهن لڳايا پر انهي تي عملي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. اسان اي چالان جي خلاف نه آهيون پر انهن جا ڳرا ڏنڊ گهٽائڻ جي لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون. گهرو وزير چيو ته اسان وٽ ايترا وسيلا نه آهن ته اهڙين شين تي پئسا خرچ ڪريون.
ڪميٽي جي اجلاس ۾ سنڌ اسيمبلي جي اپوزيشن اڳواڻ علي خورشيدي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته صرف ڏنڊ وڌائڻ ٽريفڪ مسئلي جو حل نه آهي. ڏنڊن سان گڏوگڏ فعال ٽريفڪ سگنلز ۽ واضح لائينون، مارڪنگ به ضروري آهي.
هن چيو ته ڪراچي جي ڪيترن ئي روڊن تي نه لائنون، مارڪنگ آهي نه سگنلز صحيح ڪم ڪري رهيا آهن. هن مطالبو ڪيو ته موٽر سائيڪل جي سوارن لاءِ ڳرا چالان گهٽ ڪيا ويندا. غريب ۽ وچولي طبقي تي غير مناسب ڏنڊ لڳائڻ سراسر ناانصافي آهي.
علي خورشيدي چيو ته انفرا اسٽرڪچر جي بهتري کان سواءِ سخت ۽ ڳرا ڏنڊ لڳائڻ قبول ڪرڻ جوڳا نه آهن. ٽريفڪ قانون کي لاڳو ڪرڻ ۾ شفافيت ۽ اصلاح تمام گهڻو ضروري آهي.
تبصرے بند ہیں۔