اسلام آباد: مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي رجب المرجب جو چنڊ نظر اچڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
مذهبي معاملن واري وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس مولانا عبدالخبير آزاد جي صدارت هيٺ ٿيو، جڏهن ته زونل ڪميٽين جي اجلاس پنهنجي پنهنجي لاڳاپيل جاين تي ٿيا.
اجلاس کانپوءِ مرڪزي ڪميٽي جي چيئرمين اعلان ڪيو ته رجب جو چنڊ نظر اچي ويو آهي ۽ 22 ڊسمبر تي پهرين رجب هوندي، جڏهن ته 27 رجب (شب معراج) 16 جنوري تي ٿيندي.
پچھلی پوسٹ
تبصرے بند ہیں۔