ممبئي :بالي ووڊ اداڪارا نورا فتحي روڊ حادثي ۾ زخمي ٿي پئي، جنهن کانپوءِ کيس اسپتال نيو ويو.
ڀارتي ميڊيا موجب نورا فتحي ڇنڇر ڏينهن ممبئي ۾ آمريڪي ڊي جي ڊيوڊ گيٽا جي ڪنسرٽ ۾ شرڪت لاءِ ويندي روڊ حادثي جو شڪار ٿي.
نورا فتحي سن برن فيسٽيول ۾ ڊيوڊ گيٽا سان پنهنجي طئي ٿيل پرفارمنس لاءِ وڃي رهي هئي ته هڪ نشي ۾ ڌت ڊرائيور سندس گاڏي کي ٽڪر هنيو.
حادثي کانپوءِ نورا جي ٽيم فوري طور کيس ويجهي اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن سي ٽي اسڪين ڪري اندروني ڌڪ يا رت وهڻ جي امڪان کي رد ڪيو.
پر ڊاڪٽرن تصديق ڪئي ته ٽڪر جي نتيجي ۾ نورا کي معمولي طور دماغي جهٽڪو لڳو آهي.
پوليس حادثي ۾ ملوث نشي ۾ ڌت ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو، جنهن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.
تبصرے بند ہیں۔