عمران خان ڳالهين جي تجويز ٻيهر رد ڪري ڇڏي، معافي کان سواءِ ڪنهن به قسم جون ڳالهيون نه ٿينديون: حڪومت
اسلام آباد: عمران خان جي سماجي رابطن جي پليٽ فارم ايڪس تي جاري ڪيل تازي ترين بيان موجب محمود خان اچڪزئي طرفان ڳالهين جي اپيل کي رد ڪيو ويو آهي انهي سان گڏ ئي پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري اطلاعات به واضح ڪيو آهي ته احتجاجي تحريڪ بابت عمران خان جي هدايت ئي حتمي هوندي ۽ انهي تي عمل ڪيو ويندو.
ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف جي ويجهن ذريعن جو چوڻ آهي ته 9 مئي جي واقعن، عمران خان ۽ پارٽي جي سوشل ميڊيا تي فوج مخالف مهم تي معافي يا معذرت کان سواءِ پي ٽي آءِ سان ڳالهيون ممڪن نه آهن. انهي حوالي سان رابطو ڪرڻ تي پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري اطلاعات شيخ وقاص اڪرم چيو ته احتجاجي تحريڪ جي پاليسي سڌو سنئون پارٽي قائد عمران خان طرفان آئي آهي انهي ڪري اهائي لاڳو ٿيندي.
هن چيو ته محمود خان اچڪزئي ڳالهين سميت پنهنجون سياسي سرگرميون جاري رکي سگهن ٿا پر پي ٽي آءِ قيادت عمران خان جي تازي هدايتن جي پابند آهي. شيخ وقاص اڪرم موجب عمران خان خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير کي هدايت ڏني آهي ته اهو قانون جي حڪمراني ۽ آئين جي بالادستي لاءِ احتجاجي تحريڪ جي تياري ڪري.
اپوزيشن اتحاد طرفان گذريل ڏينهن منعقد ڪيل قومي ڪانفرنس ۾ اتحاد جي سربراهه محمود خان اچڪزئي چيو هو ته آئين کي ٽڪڙن ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. انهي نازڪ مرحلي تي هن اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ۽ جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان کي اپيل ڪئي آهي ته اهو اڳيان اچي ۽ ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ لاءِ ڳالهين جي شروعات ڪري. انهي ڏينهن عمران خان طرفان ايڪس تي جاري بيان ۾ نه صرف فيلڊ مارشل کي تنقيد جو نشانو بنايو ويو پر خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير ٰ سهيل آفريدي کي احتجاجي تحريڪ جي هدايت به ڏني وئي.
انهي حوالي سان نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري اطلاعات واضح ڪيو ته پارٽي عمران خان جي پاليسي لائن تي ئي هلندي، شيخ وقاص اڪرم سان رابطو ڪري اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته پي ٽي آءِ جي حتمي پاليسي ڪهڙي آهي ۽ پارٽي اچڪزئي جي موقف تي عمل ڪندي يا عمران خان جي هدايت تي.
ٻئي طرف وزيراعظم جي ويجهي هڪ سينئر ذريعي کان جڏهن کان اها ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته حڪومت محمود خان اچڪزئي جي ڳالهين جي آڇ تي ڪهڙو رد عمل ڏيندي ته هن چيو ته 9 مئي جي سنگين ڏوهن ۽ پارٽي جي باني چيئرمين عمران خان طرفان جاري فوج مخالف مهم کي نظر انداز ڪندي پي ٽي آءِ سان معنيٰ جوڳيون ڳالهيون ڪيئن ممڪن آهن؟
ذريعن موجب شهباز شريف حڪومت جو موقف آهي ته اظهار ندامت يا معذرت کان سواءِ ڳالهيون ممڪن نه آهن. هن چيو ته اهڙن ماڻهن فوجي ٺڪاڻن تي حملا ڪيا، شهيدن جو مذاق اڏايو، فوج ۽ انهي جي اعليٰ قيادت خلاف ڪردار ڪشي جي مهم هلائي، اهڙين حالتن ۾ ڪنهن به قسم جون ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن.
تبصرے بند ہیں۔