راولپنڊي: چيف آف ڊفينس اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي سعودي عرب جي اعليٰ ترين قومي اعزاز سان نوازيو ويو
آءِ ايس پي آر موجب چيف آف ڊفينس فورسز، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، نشان امتياز(ملٽري) هلال جرئت سعودي عرب جي سرڪاري دوري جي دوران دفاع واري وزير، شهزادي خالد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود سان ملاقات ڪئي.
اهم ملاقات جي دوران ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ دلچسپي جي معاملي تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جن ۾ علاقائي سلامتي جي صورتحال، دفاعي ۽ عسڪري تعاون، اسٽريٽجڪ ڀائيواري عمل ۽ تبديل ٿيندڙ جغفرافيائي چيلنجز شامل هئا. انهي موقعي تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهرن ۽ ڀائراڻه لاڳاپن جي به توثيق ڪئي وئي.
دوري جي دوران خادم الحرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود جي فرمان جي تحت فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي مملڪت سعودي عرب جو اعليٰ ترين قومي اعزاز ڪنگ عبدالعزيز ميڊل آف ايڪس لينس به عطا ڪيو ويو.
ٻيو اعزاز فيلڊ مارشل عاصم منير جي نمايان عسڪري خدمتن ۽ قيادت جي اعتراف جي طور تي ڏنو ويو. انهي موقعي تي پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ دفاعي تعاون، اسٽريٽجڪ هم آهنگي ۽ اداره جاتي رابطن کي هٿي ڏيڻ ۾ انهي جي مرڪزي ڪردار جي به تعريف ڪئي وئي. اهو اعزاز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير طرفان علاقائي امن، استحڪام جي لا خدمتون خاص طور تي دهشتگردي جي انت ۽ سلامتي جي شعبي ۾ مسلسل تعاون جو به اعتراف آهي.
سعودي قيادت فيلڊ مارشل عاصم منير جي پيشه وارانه صلاحيتن ۽ اسٽريٽجڪ وزن جي تعريف ڪندي پاڪستان ۽ سعودي عرب جي پراڻن ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ انهن جي ارادن جي تعريف ڪئي.
فيلڊ مارشل سيد عاصم منير انهي اعزاز تي خادم الحرمين شريفين ۽ سعودي قيادت جو ٿورو ادا ڪيو ۽ انهي کي پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ مضبوط ۽ اهم لاڳاپن جي عڪاسي قرار ڏنو. هن سعودي عرب جي سلامتي، استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪيو.
ڪنگ عبدالعزيز ميڊل آف ايڪسي لينس جو عطا ڪرڻ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي لاڳاپن جي مضبوطي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ علاقائي ۽ عالمي امن کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ اسٽريجڪ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي گڏيل عزم کي اجاگر ڪرڻ آهي.
شيئر
تبصرے بند ہیں۔