بيجنگ: چين جي فوجي ترجمان جاپان جي خلائي جنگي ارادن تي تنقيد ڪندي ان جي نئين انٽيليجنس يونٽ کي نشانو بڻائيندي ٽوڪيو تي الزام لڳايو ته هو خلائي هٿيارن جي ڊوڙ شروع ڪري رهيو آهي ۽ علائقائي سلامتي کي نقصان پهچائي رهيو آهي.
پي ايل اي ڊيلي ۾ ڇپيل ٻن مضمونن ۾ ڪيل اها تنقيد گذريل مهيني دوران سفارتي ڇڪتاڻ جو تازو قدم آهي، جنهن ۾ بيجنگ طرفان لڳ ڀڳ روزانو جاپان کي ڇڙٻون ڏنيون وڃن پيون.
انهن مان هڪ مضمون ۾ بيجنگ ۾ پيپلز لبريريشن آرمي جي اسپيس انجنيئرنگ يونيورسٽي جي ٻن محققن جاپان تي الزام هنيو ته هو خلا کي فوجي ٺڪاڻو بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
محققن لکيو: ته “مسلسل قدمن ذريعي خلا کي فوجي بڻائڻ ڏانهن جاپان جي تيز رفتار واڌ نه رڳو سندس امن پسند آئين کان انحراف آهي، پر علائقائي ۽ عالمي خلائي سلامتي کي به ڪمزور ڪري ٿي.” انهن وڌيڪ چيو: “اهو علائقائي اسٽريٽجڪ توازن کي بگاڙيندو، خلائي هٿيارن جي ڊوڙ کي جنم ڏيندو ۽ پاڙيسري ملڪن کي جوابي قدم کڻڻ تي مجبور ڪندو.”
جاپان ويجهڙ جي سالن ۾ پنهنجي خلائي سرگرمين ۾ واڌ ڪئي آهي، جنهن جو سبب هو چين ۽ روس طرفان وڌندڙ خطري کي سمجهي ٿو. جولاءِ ۾، جاپان خلا ۾ پنهنجي دفاع کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پهريون ڀيرو رهنمائي اصول جاري ڪيا، جن ۾ جاپاني سيٽلائيٽن جي تحفظ ۽ نجي ۽ سرڪاري شعبي جي ٽيڪنالاجي تعاون کي هٿي ڏيڻ جا منصوبا بيان ڪيا ويا.بيجنگ(ويب ڊيسڪ)چين جي فوجي ترجمان جاپان جي خلائي جنگي ارادن تي تنقيد ڪندي ان جي نئين انٽيليجنس يونٽ کي نشانو بڻائيندي ٽوڪيو تي الزام لڳايو ته هو خلائي هٿيارن جي ڊوڙ شروع ڪري رهيو آهي ۽ علائقائي سلامتي کي نقصان پهچائي رهيو آهي.
پي ايل اي ڊيلي ۾ ڇپيل ٻن مضمونن ۾ ڪيل اها تنقيد گذريل مهيني دوران سفارتي ڇڪتاڻ جو تازو قدم آهي، جنهن ۾ بيجنگ طرفان لڳ ڀڳ روزانو جاپان کي ڇڙٻون ڏنيون وڃن پيون.
انهن مان هڪ مضمون ۾ بيجنگ ۾ پيپلز لبريريشن آرمي جي اسپيس انجنيئرنگ يونيورسٽي جي ٻن محققن جاپان تي الزام هنيو ته هو خلا کي فوجي ٺڪاڻو بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
محققن لکيو: ته “مسلسل قدمن ذريعي خلا کي فوجي بڻائڻ ڏانهن جاپان جي تيز رفتار واڌ نه رڳو سندس امن پسند آئين کان انحراف آهي، پر علائقائي ۽ عالمي خلائي سلامتي کي به ڪمزور ڪري ٿي.” انهن وڌيڪ چيو: “اهو علائقائي اسٽريٽجڪ توازن کي بگاڙيندو، خلائي هٿيارن جي ڊوڙ کي جنم ڏيندو ۽ پاڙيسري ملڪن کي جوابي قدم کڻڻ تي مجبور ڪندو.”
جاپان ويجهڙ جي سالن ۾ پنهنجي خلائي سرگرمين ۾ واڌ ڪئي آهي، جنهن جو سبب هو چين ۽ روس طرفان وڌندڙ خطري کي سمجهي ٿو. جولاءِ ۾، جاپان خلا ۾ پنهنجي دفاع کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پهريون ڀيرو رهنمائي اصول جاري ڪيا، جن ۾ جاپاني سيٽلائيٽن جي تحفظ ۽ نجي ۽ سرڪاري شعبي جي ٽيڪنالاجي تعاون کي هٿي ڏيڻ جا منصوبا بيان ڪيا ويا.
جاپان 2027 تائين پنهنجي اسپيس آپريشنز گروپ ــ جيڪو خلائي سرگرمين جي نگراني ڪري ٿو ــ کي مڪمل ڪور ۾ تبديل ڪرڻ ۽ ان جو نالو “جاپان ايئر اينڊ اسپيس سيلف ڊفينس فورس” رکڻ جو پڻ ارادو رکي ٿو.
هن مهيني جي شروعات ۾ ٽوڪيو جي ڀرپاسي فوچو بيس جي دوري دوران، جاپان جي بچاءَ واري وزير شنجي رو ڪوئيزومي “ڪجهه ملڪن” تي الزام لڳايو ته اهي عالمي سيٽلائيٽن ۾ مداخلت ڪري موبائل فون، جي پي ايس ۽ گاڏين جي نيويگيشن نظامن کي متاثر ڪري رهيا آهن.
ڪوئيزومي جاپان جي دفاع واري وزارت جي حوالي سان چيو: “انهيءَ ڪري خلا جو پرامن ۽ مستحڪم استعمال يقيني بڻائڻ رڳو فوجي مقصدن لاءِ نه، پر عام شهري زندگي لاءِ به انتهائي اهم آهي.
” پر خميس ڏينهن پي ايل اي ڊيلي ۾ ڇپيل مضمون ۾ چيني محققن چيو ته جاپان “ٽيڪنالاجي جي پرديداري ۽ تصورن جي مونجهاري ذريعي خلا کي فوجي بڻائڻ جو رستو هموار ڪري رهيو آهي”. هنن لکيو: “هو گهڻي وقت کان شهري خلائي پروگرامن کي پردو بڻائي فوجي ٽيڪنالاجي جي بنيادن کي گڏ ڪندو رهيو آهي.” ساڳئي ڏينهن هڪ الڳ مضمون ۾ جاپان جي قومي انٽيليجنس بيورو قائم ڪرڻ جي منصوبي کي به نشانو بڻايو ويو، ۽ چيو ويو ته اهو “جاپان جي سلامتي پاليسي جي وڌيڪ واڌ” جي نمائندگي ڪري ٿو.
گذريل هفتي اعلان ڪيل منصوبن تحت، ٽوڪيو جولاءِ 2026 تائين موجوده ڪيبينيٽ انٽيليجنس اينڊ ريسرچ آفيس کي اپگريڊ ڪري ۽ مختلف سرڪاري ادارن جي انٽيليجنس شعبن مان گڏ ڪيل ڄاڻ کي مرڪوز ڪري نئون بيورو قائم ڪندو.
پي ايل اي جي مضمون ۾ چيو ويو ته اهڙي اداري جو قيام “جاپان جي فوجي واڌ لاءِ وڌيڪ انٽيليجنس سهڪار فراهم ڪندو، ۽ ممڪن آهي ته مستقبل ۾ اڳواٽ حملي جي صلاحيتن لاءِ به ڪم اچي”. مضمون ۾ وڌيڪ چيو ويو: “پرڏيهي انٽيليجنس گڏ ڪرڻ جي صلاحيتن کي مضبوط ڪرڻ بابت جاپان جون ڪوششون علائقائي اعتماد ۽ سهڪار کي سخت نقصان پهچائي سگهن ٿيون.”
اها تنقيد گذريل مهيني دوران بيجنگ ۽ جاپان وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جو حصو آهي، جڏهن جاپاني وزيراعظم سني ٽڪائيچي چيو هو ته تائيوان تي فوجي حملو سندس ملڪ لاءِ “بقا کي خطري ۾ وجهندڙ صورتحال” ٿي سگهي ٿو، جنهن تحت ٽوڪيو آمريڪي فوجن سان گڏ فوجي ڪارروائي ۾ حصو وٺي سگهي ٿو.
بيجنگ تائيوان کي چين جو حصو سمجهي ٿو، جنهن کي ضرورت پوڻ تي طاقت سان ٻيهر شامل ڪيو ويندو. گهڻا ملڪ، جن ۾ آمريڪا ۽ جاپان شامل آهن، تائيوان کي آزاد رياست طور تسليم نٿا ڪن، پر واشنگٽن ڪنهن به زوري قبضي جي مخالفت ڪري ٿو ۽ تائيوان کي هٿيار فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.
بيجنگ ٽڪائيچي جي بيانن کي اندروني معاملن ۾ مداخلت قرار ڏئي ٿو ۽ بار بار مطالبو ڪري رهيو آهي ته هوءَ اهي ڳالهيون واپس وٺي، پر ٽڪائيچي ائين ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي.
ان جي جواب ۾ چين جاپان لاءِ سفري وارننگ جاري ڪئي آهي ۽ ڪيترائي مٽاسٽا وارا پروگرام رد ڪري ڇڏيا آهن. ان ڇڪتاڻ جي وچ ۾، ٽوڪيو اعلان ڪيو آهي ته هو تائيوان کان 110 ڪلوميٽر (70 ميل) کان به گهٽ فاصلي تي موجود ننڍڙي ٻيٽ يوناگوني تي وچولي فاصلي وارا ميزائل نصب ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو.

تبصرے بند ہیں۔