پشاور: پوليس ٻڌايو آهي ته اتر وزيرستان ضلعي جي بويا علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪيمپ تي جمعي ڏينهن حملي کان پوءِ چار شدت پسند مارجي ويا.
عملدارن موجپشاور(ويب ڊيسڪ)پوليس ٻڌايو آهي ته اتر وزيرستان ضلعي جي بويا علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪيمپ تي جمعي ڏينهن حملي کان پوءِ چار شدت پسند مارجي ويا.
عملدارن موجب، چار شدت پسندن ڪيمپ تي حملو ڪيو. حملي آور ڪيمپ جي حدن اندر داخل ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ فائرنگ شروع ڪئي. ان کان پوءِ ٿيل شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چارئي شدت پسند مارجي ويا، جڏهن ته چار سيڪيورٽي اهلڪار زخمي ٿيا.
پوليس اڳ ۾ ٻڌايو هو ته شروعاتي ڄاڻ موجب حملي آور يا ته ڌماڪيدار مواد سان ڀريل گاڏي استعمال ڪئي يا خودڪش جيڪٽ پائي حملو ڪيو. پر مقامي ذريعن موجب، زور دار ڌماڪو لڳ ڀڳ 25 ڪلوميٽر پري واقع ميرعلي شهر تائين ٻڌو ويو.
ڌماڪي کان ٿوري دير پوءِ سيڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري ۾ آڻي صفائي آپريشن شروع ڪيو. پوليس ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن جو وڏو دستو واقعي واري هنڌ پهتو، جڏهن ته بم ڊسپوزل اسڪواڊ جون خاص ٽيمون به جڳهه جي جاچ لاءِ موڪليون ويون.
ريسڪيو 1122 ۽ طبي ٽيمون به امدادي ۽ ريسڪيو ڪمن ۾ مصروف رهيون۔ اختيارين موجب جاچ جاري آهي ۽ واقعي واري هنڌ تان ثبوت گڏ ڪيا پيا وڃن. حملي کان پوءِ سڄي ضلعي ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ تي رکي وئي، جڏهن ته احتياطي قدم طور هڪ اهم شاهراهه تي ٽريفڪ عارضي طور معطل ڪئي وئي.
هي واقعو ان کان ٻه مهينا پوءِ پيش آيو آهي، جڏهن اتر وزيرستان جي ميرعلي علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز فوجي ڪيمپ تي خودڪش حملي کي ناڪام بڻائيندي چار دهشتگرد ماريا هئا.
ان وقت سرڪاري ميڊيا ٻڌايو هو ته هڪ دهشتگرد ڌماڪيدار مواد سان ڀريل گاڏي سيڪيورٽي ڪيمپ جي ڀت سان ٽڪرائي هئي، جنهن کان پوءِ ٻين سندن ٽن ساٿين اندر گهڙڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.
جمعي جو هي واقعو اهڙي وقت پيش آيو آهي، جڏهن پاڪستان ۾ دهشتگرد حملن جو سلسلو جاري آهي۔ هن سال جي شروعات ۾، گلوبل ٽيررزم انڊيڪس 2025 موجب پاڪستان دهشتگردي کان متاثر ملڪن ۾ ٻئي نمبر تي رهيو، جتي گذريل سال جي ڀيٽ ۾ دهشتگرد حملن ۾ مارجي ويلن جو انگ 45 سيڪڙو وڌي ويو.
ب، چار شدت پسندن ڪيمپ تي حملو ڪيو. حملي آور ڪيمپ جي حدن اندر داخل ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ فائرنگ شروع ڪئي. ان کان پوءِ ٿيل شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چارئي شدت پسند مارجي ويا، جڏهن ته چار سيڪيورٽي اهلڪار زخمي ٿيا.

تبصرے بند ہیں۔