طلال چوڌري ڀاءُ جي لاءِ اثر رسوخ استعمال ڪيو، اليڪشن ڪميشن جي لاڳاپل آفيسر خلاف ڪارروائي جي هدايت

اسلام آباد:  اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۾ مملڪتي وزير طلال چوڌري ۽ انهي جي ڀاءُ بلال چوڌري خلاف ضمني چونڊن جي دوران چونڊ ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت هيٺ پنج رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

اسپيشل سيڪريٽري ظفر اقبال چيو ته 10 نومبر تي 3 شڪايتون اليڪشن ڪميشن کي مليون هيون اميدوارن طرفان شڪايتون ڪيون ويون هيون. هن چيو ته اسان اهي شڪايتون ڊي ايم او کي شيئر ڪيو. مملڪتي وزير طلال چوڌي پنهنجي ڀاءُ لاءِ اثر رسوخ استعمال ڪيو. طلال چوڌري چونڊ مهم هلائي ۽ ڪارنر گڏجاڻيون ڪيون.

چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر ڪير هو؟ اسپيشل سيڪريٽري چيو ته محمد مرتضيٰ ملڪ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر اسپيشل سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته سيڪريٽري صاحب اوهان کان ته پڙهيو به نٿو ٿئي.

پنجاب جي ڪميشن ميمبر چيو ته ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر پهرين شڪايت ۾ چيو ته اوهان جو ڏوهه نه آهي، ٻئي ۾ پاسو ڪرڻ جو چيو ۽ ٽئين شڪايت ۾ ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو.

چيف اليڪشن ڪميشن چيو ته سيڪريٽري صاحب اوهان اڄ تياري ڪري نه آيا آهيو، جنهن کان پوءِ ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي 8 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

مملڪتي وزير طلال چوڌري ۽ سندس ڀاءُ بلال چوڌري خلاف چونڊ ضابطه اخلاق ڀڃڪڙي ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن ڊي ايم او فيصل آباد خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪئي، چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته اسان ڊي ايم اوز کي چونڊن بابت ٽريننگ ڪرائي.

چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته ڊي ايم او کي چونڊ ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي جي خبر نه آهي، اليڪشن ڪميشن ڊي ايم او فيصل آباد جي خلاف انڪوائري جو به حڪم ڏنو. وڪيل چيو ته طلال چوڌري ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي ناهي ڪئي. چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته ميڊيا رپورٽ ۾ چيو ويو ته طلال چوڌري شام جو تقرير ڪئي آهي.

طلال چوڌري جي وڪيل چيو ته مون وٽ مقامي ميڊيا جي رپورٽن جا ٽرانسڪرپٽ موجود نه آهن. چيف اليڪشن ڪمشنر طلال چوڌري جي وڪيل کي ٽرانسڪرپٽ فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو، اليڪشن ڪميشن ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 8 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

تبصرے بند ہیں۔