عمران خان جي پٽن والد سان ملاقات جي لاءِ پاڪستان اچڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

لنڊن: پي ٽي آءِ باني چيئرمين عمران خان جي پٽ قاسم خان چيو آهي ته مون ۽ منهنجي ڀاءُ سليمان پنهنجي ويزا جي لاءِ درخواست ڏني آهي، اسان ٻئي ڄڻا جنوري ۾ پاڪستان جو دورو ڪرڻ جو منصوبو ٺاهي رهيا آهيون. هن اها ڳالهه برطانوي خابرو اداري اسڪائي نيوز کي ڏنل هڪ انٽرويو جي دوران چئي.

قاسم ۽ سليمان جو اهو بيان اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن عمران خان جي ڀينرن جي اڊياله جيل ۾ عمران خان سان ملاقات ڪرائڻ کان هڪ دفعو ٻيهر انڪار ڪيو ويو. پي ٽي آءِ الزام لڳايو ته اختيارين واٽر ڪينين سان ڪيميڪل ملائي پاڻي اڇليو. عمران خان جي گهر ڀاتين ۽ پارٽي اهڙين حالتن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي جن ۾ اڳوڻي وزيراعظم کي جيل جي اندر رکيو پيو وڃي.

اسڪائي نيوز کي ڏنل انٽرويو جي دوران لنڊن ۾ رهندڙ قاسم ۽ سليمان کان پڇيو ويو ته ڇا انهن عمران خان سان ملڻ جي اجازت وٺڻ جي لاءِ پاڪستاني حڪومت سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي جڏهن ته ڪجهه مهينا اڳ دفاع واري وزير خواجه آصف چيو هو ته هو اچي سگهن ٿا، عمران خان  سان ملاقات ڪري سگهن ٿا.

انهي سوال تي قاسم جواب ڏنو ته اسان هاڻ منصوبو ٺاهي رهيا آهيون ڇو ته جيستائين والد پنهنجي ڳالهه تي قائم آهن ته اسان کي اميد آهي ته جنوري ۾ وڃڻ گهرجي، اسان پنهنجي ويزائن جي لاءِ درخواست ڏئي ڇڏي آهي. ويزا اڃان تائين ناهن آيا، اسان اميد ڪري رهيا آهيون ته اهو پروسيس مڪمل ٿي ويندو. انهي لاءِ اسان جنوري ۾ وڃڻ جو منصوبو ٺاهي رهيا آهيون.

اينڪر طرفان انهي کان پڇيو ويو ته هو عمران خان ملاقات دوران ڪهڙيون ڳالهيون ڪندا ۽ ڇا هو عمران خان کي ڪنهن ڊيل تي غور ڪرڻ جو چوندا؟ انهي سوال ۾ ظاهري طور اڳوڻي وزيراعظم جي جيل مان آزادي جي لاءِ عمران خان ۽ پاڪستاني حڪمرانن جي وچ ۾ ڪنهن ڊيل جي امڪان طرف اشارو هو

انهي سوال تي قاسم چيو ته جيڪا ڳالهه اوهان کي سمجهڻ گهرجي اها اسان جي زندگي آهي. اهو واقعي اسان جو جذٻو ۽ مقصد آهي. عمران خان انهي کي پنهنجي زندگي جو مقصد چوي ٿو ته پاڪستان کي بدعنواني مان ڇوٽڪارو ڏياريندس.  قاسم پنهنجي ڳالهه کي جاري رکندي وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن انهي لاءِ اسان جو والد ڊيل ڪري اسان وٽ آيو ۽ انگلينڊ ۾ رهيو ته مون کي خبر آهي ته والد کي تڪليف هوندي ته هن پنهنجو ملڪ برباد ٿيڻ لاءِ ڇڏي ڏنو آهي. مون کي خبر آهي ته اهو ڊپريشن ۾ هليو ويندو. قاسم وڌيڪ چيو ته اهوئي انهي جو مقصد آهي. اسان چاهيون ٿا ته والد اسان جا سمورا ڪرڪيٽ ۽ فٽ بال ميچ هتي ڏسي، انهي جو هڪ ئي مقصد آهي جيڪو اهڙين شين کان ڪافي وڏو آهي انهي ڪري اوهان صرف انهي جو احترام ڪري سگهو ٿا.

انهي سوال تي ته هو عمران خان کي وڌيڪ ڇا چوندا يا انهي کي ڪهڙو پيغام ڏيندا. قاسم چيو ته مان اهو سمجهڻ چاهيان ٿو ته اسان انهي کي ڪيئن ٻاهر ڪڍي سگهون ٿا  ۽ ڪهڙي طرح مدد ڪري سگهون ٿا. ڇو ته اهم ڳالهه اها آهي ته اسان هن وقت پنهنجو پاڻ کي تمام گهڻو بي وس محسوس ڪري رهيا آهيون، منهنجو مطلب آهي ڳالهين جي لاءِ تمام گهڻو ڪجهه آهي.

قاسم وڌيڪ ٻڌايو ته ڳالهين جي دوران عمران خان هميشه پنهنجي ڪنڊيشن جي باري ۾ ڳالهائڻ کان انڪار ڪندو هو.  والد چوندو هو ته منهنجي فڪر نه ڪريو توهان ٻڌايو سڀ ڪجهه ڪيئن پيو هلي. هو اسان جي ناني جي خيريت جي باري ۾ ضرور پڇندو هو.  قاسم چيو ته اسان جي پنهنجي والد سان انهي وقت کان ڪابه ڳالهه ٻولهه نه ٿي آهي جڏهن 2 مهينا اڳ ناني جي فوتگي ٿي هئي مان والد سان انهي جي باري ۾ ڳالهائڻ چاهيندس. عمران خان پنهنجي والده جي لاڏاڻي کان پوءِ ناني کي پنهنجي ماءُ چوندو هو. جنهن جي لاءِ مان والد سان انهي جي باري ۾ ڳالهائڻ چاهيان ٿو. قاسم کان جڏهن پڇيو ويو ته ڇا انهي کي لڳي ٿو ته عمران خان ڪڏهن ٻاهر ايندو ته انهي سوال تي قاسم جو جواب وڌيڪ اميد ڏيندڙ نه هو.

قاسم چيو ته حالتون بد کان بدتر ٿي رهيون آهن اقتدار ۾ موجود ماڻهو وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن انهي لاءِ حل ڏسڻ تمام گهڻو مشڪل آهي ڪيترائي ماڻهو جن سان اسان ڳالهائيندا آهيون، انهن سان هر ڀيري جڏهن به ڳالهه ٻولهه ٿيندي آهي ته انهن جو اعتماد گهٽ ٿيندي نظر ايندو آهي. انهي ڪري اسان هاڻ پريشان آهيون ته شايد اسان انهي کي ٻيهر ڪڏهن نه ڏسي سگهون.

قاسم اها به نشاندهي ڪئي ته عمران خان اهڙي قسم جو شخص ناهي جو ڪوبه سمجهوتو ڪري يا ڊيل ڪري. پر ها هن وقت اهوئي واحد آسان رستو لڳي ٿو پر منهنجي خيال ۾ عالمي دٻاءُ هميشه اهڙين حالتن ۾ تبديلي تي مجبور ڪرڻ جو هڪ موثر واحد طريقو آهي.

 

تبصرے بند ہیں۔