ڪراچي: نيو ڪراچي ۾ چانهه جي هوٽل تي اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ سبب زخمي ٿيل شخص علاج دوران اسپتال ۾ فوت ٿي ويو.
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته مارجي ويل شخص جي سڃاڻپ 40 ورهين جي حاجي شهزاد جي نالي سان ٿي آهي جيڪو هڪ سياسي پارٽي جو ڪارڪن هو. شروعاتي جاچ ۾ فائرنگ جو واقعو ٽارگيٽ ڪلنگ لڳي رهيو آهي. واقعي کان پوءِ پوليس ۽ ڪرائم انٽيليجنس يونٽ واقعي واري هنڌ پهچي ويون جڏهن ته واقعي واري هنڌان نائن ايم ايم پستول جا 4 خول به هٿ ڪيا ويا آهن.
ٻئي طرف ايم ڪيو ايم جي ترجمان چيو آهي ته مارجي ويل شهزاد نيو ڪراچي يوسي 5 جو جوائنٽ انچارج هو. هنن وزيراعليٰ، گهرو وزير، ڊي جي رينجرز ۽ آءِ جي سنڌ کان جوابدارن جي گرفتاري لاءِ فوري طور تي قدم کڻڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.
مقتول جي دوست ٻڌايو ته 3 موٽر سائيڪل تي نقاب پهريل ماڻهو آيا ۽ انڌاڌنڌ فائرنگ شروع ڪري ڏني، شهزاد 4 ٻارن جو پيءُ هو انهي جي ڪنهن سان به دشمني نه هئي. ٻئي طرف اتحاد ٽائون ۾ به ڦر دوران مزاحمت تي فائرنگ سبب نوجوان مارجي ويو.
تبصرے بند ہیں۔