لاهور:پنجاب جي دهشتگردي کي روڪڻ واري کاتي (سي ٽي ڊي) سومر جي ڏينهن ٻڌايو آهي ته هنن لاهور، فيصل آباد ۽ بهاولپور ۾ انٽيليجنس بنياد تي ڪيل ڪاررواين دوران 12 شڪي دهشتگرد گرفتار ڪيا آهن، جيڪي مبينا طور ڀارتي خفيه ايجنسي ’ريسرچ اينالسس ونگ‘ (را) لاءِ ڪم ڪري رهيا هئا.
سي ٽي ڊي جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان موجب، هي گرفتاريو حساس ادارن جي تعاون سان عمل ۾ آيون آهن. ترجمان چيو ته سيڪيورٽي اهلڪارن شڪي ماڻهن کان تصويرون، وڊيوز، هٿيار ۽ ڌماڪيدار مواد هٿ ڪري مختلف شهرن ۾ وڏي پيماني تي دهشتگردي جون ڪارروايون ناڪام بنائي ڇڏيون.
ترجمان ٻڌايو ته هٿ ڪيل مواد ۾ حساس جاين، هڪ مذهبي مدرسي جون تصويرون ۽ وڊيو رڪارڊنگ پڻ شامل هئي. ترجمان چيو ته دهشتگرد صوبي ۾ ’خوف ۽ مذهبي نفرت‘ ڦهلائڻ جي منصوبا بندي ڪري رهيا هئا ۽ انهن جا حدف عبادت گاهون ۽ ٻيا اهم هنڌ هئا.
سي ٽي ڊي جي ترجمان موجب، لاهور مان گرفتار ڪيل شڪي ماڻهن جي سڃاڻپ سِکديپ سنگهه، اعظم، فيضان، نبيل، ابرار، عثمان ۽ سرفراز طور ڪئي وئي.
فيصل آباد مان هڪ شڪي شخص دانش گرفتار ٿيو، جڏهن ته بهاولپور مان وڌيڪ 4 مبينا دهشتگرد رجب، هاشم، ثاقب ۽ عارف کي گرفتار ڪيو ويو. هن چيو ته هي گرفتاريو ان وقت عمل ۾ آيون جڏهن سي ٽي ڊي هڪ فيس بڪ اڪائونٽ جي جاچ ڪئي، جيڪو مبينا طور ڀارت مان دهشتگردي جي سرگرمين کي هم آهنگ ڪرڻ لاءِ هلائجي رهيو هو.
سي ٽي ڊي جي ترجمان موجب، هنن سڀني دهشتگردن کي ڀارتي ايجنسي ’را‘ طرفان مالي مدد فراهم ڪئي پئي وئي. هن ٻڌايو ته دهشتگردن جي قبضي مان 7 خود ساختا ڌماڪيدار ڊوائيسون، 2 ڊيٽو نيٽر، 102 فِٽ سيفٽي فيوز وائر، ڌماڪيدار مواد، هٿيار، موبائل فون ۽ نقد رقم برآمد ڪئي وئي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته دهشتگردن خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
سي ٽي ڊي پاڪستان ڀر ۾ باقاعدي ڪارروايون ڪري ٿي ته جيئن دهشتگردي سان لاڳاپيل سرگرمين کي روڪي سگهجي ۽ انهن جي تحقيقات ڪري سگهجي ۽ انٽيليجنس حاصل ڪري سگهجي.
آگسٽ ۾، سي ٽي ڊي سنڌ جي ضلعي بدين ۾ هڪ شخص کي هدف بڻائي قتل ڪرڻ واري واقعي ۾ ’را‘ جي ملوث هجڻ جو پتو لڳايو هو، ۽ هن ڪيس ۾ 6 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو هو، جن کي مبينا طور ’را‘ جي مالي مدد حاصل هئي. جون ۾، ڪراچي جي علائقي قائد آباد ۾ ڇاپو هڻي 4 شڪي ڀارتي ايجنٽ گرفتار ڪيا ويا هئا.
تبصرے بند ہیں۔