اسلام آباد:ملڪ جي پهرين چيف آف ڊفينس فورسز جي حيثيت سان مقرري کان پوءِ، چيف آف آرمي اسٽاف فِيلڊ مارشل عاصم منير کي سومر ڏينهن راولپنڊي ۾ جنرل هيڊڪوارٽرز ۾ گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو.
چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف ۽ پاڪستان ايئر فورس جي چيف آف ايئر اسٽاف ظهير احمد بابَر پڻ هن تقريب ۾ موجود هئا.
آرمي چيف کي گارڊ آف آنر ٽنهي هٿياربند فوجن جي دستن طرفان پيش ڪيو ويو، جيڪو کيس سي ڊي ايف جي منصب تي فائز ٿيڻ جي اعتراف ۾ ڏنو ويو.
جمعي ڏينهن، آرمي چيف کي ملڪ جي پهرين سي ڊي ايف طور نوٽيفاءِ ڪيو ويو هو، جيڪو 1970ع جي ڏهاڪي کان پوءِ فوجي قيادت جي سڀ کان وڏي جوڙجڪ جي تبديلي قرار ڏنو پيو وڃي.
نئين ترتيب موجب آپريشنل، انتظامي ۽ حڪمتِ عملي واري اختيار کي هڪڙي آفيس ۾ مرڪوز ڪيو ويو آهي، جيڪا آئين جي آرٽيڪل 243 ۾ ترميم (27هين آئيني ترميم) ذريعي قائم ڪئي وئي آهي.
ترميم ڪيل آرٽيڪل 243 موجب صدر، جيڪو وزيراعظم جي صلاح تي ڪم ڪندو، آرمي چيف جي مقرري ڪندو، جيڪو ساڳئي وقت چيف آف ڊفينس فورسز طور پڻ خدمتون سرانجام ڏيندو.
ترميم سان گڏ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي (سي جي سي ايس سي) جو عهدو ختم ڪيو ويو، جيڪو 1976ع کان لاڳو ٽنهي سروسز جي هم آهنگي واري نظام کي ختم ڪري ٿو، ۽ گڏيل ڪمانڊ جو انضمام هاڻي سي ڊي ايف ڏانهن منتقل ڪري ٿو.
هن آئيني تبديلين کي فوج جي قانوني ڍانچي ۾ شامل ڪرڻ لاءِ، حڪومت 27هين ترميم کانپوءِ 1952ع جي پاڪستان آرمي ايڪٽ (پي اي اي) ۾ به ترميم ڪئي.
آرٽيڪل 8A جي ذيلي شق (i) هاڻي چوي ٿي ته “آرمي چيف جي پهرين مقرري جيڪا ساڳئي وقت چيف آف دي ڊفينس فورسز جي حيثيت سان هوندي، ان جو عهدو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ جي تاريخ کان لاڳو ٿيندو.”
هن ۾ وضاحت ڪئي وئي آهي ته جڏهن آرمي چيف ۽ سي ڊي ايف جي گڏيل عهدن وارو پهرين نوٽيفڪيشن جاري ٿيندي، ته “موجوده آرمي چيف جي موجوده مُدت کي انهيءَ نوٽيفڪيشن جي تاريخ کان ٻيهر شروع ٿيل تصور ڪيو ويندو.”
ذيلي شق (iii) موجب، آرٽيڪل 8A تحت، آرمي چيف جيڪو ساڳئي وقت سي ڊي ايف پڻ هوندو، ان جي “شرطن ۽ حالتن” جو تعين صدر وزيراعظم جي صلاح تي ڪندو.
فيلڊ مارشل منير کي 29 نومبر 2022ع تي آرمي چيف مقرر ڪيو ويو، ۽ هو پاڪستان آرمي جو ڪمان سنڀاليندڙ 17هون آرمي چيف بڻيو هو.
نومبر 2024ع ۾، حڪومت پي اي اي ۾ تبديليون ڪيون، جن تحت ٽنهي سروسز چيفز جي مُدت ٽن سالن کان وڌائي پنج سال ڪئي وئي، انهن ترميمن سان سروسز چيفز کي ٻيهر مقرر ڪرڻ ۽/يا سندن مُدت وڌائڻ جو اختيار به وڌائي پنج سال تائين ڪيو ويو، جيڪو اڳ ٽن سالن تائين هو.
ان ڪري، 27هين ترميم تحت ٿيل نئين جوڙجڪ جي مطابق، تازين پي اي اي ترميمن صدر کي وزيراعظم جي صلاح تي آرمي چيف ۽ سي ڊي ايف کي ٻيهر پنج سالن لاءِ مقرر ڪرڻ يا سندس مُدت ۾ پنج سال تائين واڌ ڪرڻ جو قانوني اختيار ڏئي ٿي، جنهن سان هو ڊسمبر 2035ع تائين پنهنجي عهدو برقرار رکي سگهي ٿو. جيڪڏهن ايئن ٿئي ٿو ته فيلڊ مارشل عاصم منير بنا مارشل هڻڻ جي 13 سال فوج جي ڪمانڊ ڪندڙ شخص بڻجي ويندو.
تبصرے بند ہیں۔