لاهور: اڳوڻي وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته پاڪستان جون حالتون صحيح نه آهن، معيشت ويهي رهي آهي، سياسي بحران ختم ڪرڻ کان سواءِ حالتون بهتر نه ٿينديون.
دهشتگردي جي انت واري عدالت جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي اسد عمر چيو ته حڪومت طرفان 8 ڪميٽيون ٺاهيون ويون جيڪي معيشت کي بهتر ڪرڻ جو طريقو ٻڌائينديون، اوهان ڏيڍ سال کان ڇا ڪيو آهي.
هن چيو ته جيڪڏهن ٽريفڪ قانون لاڳو ڪري رهيا آهيو ته اها سٺي شيءِ آهي پر چالان صرف غريب موٽر سائيڪل وارن تي ڪٽيا پيا وڃن، طاقتور کي اوهان ڪجهه نٿا چئي سگهو.
اسد عمر چيو ته ڀارت کي اسان سخت جواب ڏنو، پاڪستان کي ڪاميابي ملي جنهن جي سموري دنيا تعريف ڪئي آهي پر پاڪستان جون اندرون حالتون صحيح نه آهن، معيشت ويهي رهي آهي، مهانگائي تيزي سان وڌي رهي آهي.
اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته هن حڪومت ساڍا 3 سال برباد ڪري ڇڏيا آهن، جيستائين اوهان سياسي بحران کي ختم نه ڪندو حالتون بهتر نٿيون ٿي سگهن. سياسي بحران ختم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي سڀني کي گڏجي سياسي بحران حل ڪرڻ جي ضرورت آهي.
تبصرے بند ہیں۔