فيلڊ مارشل عاصم منير جو چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊيفينس فورسز تعيناتي جو نوٽيفيڪيشن جاري

ايئر چيف مارشل ظهير بابر جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن به جاري

اسلام آباد: دفاع واري وزارت فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي بطور چيف آف ڊفينس فورسز مقرري ۽ ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سدهو جي ملازمت واري ۾ واڌ جا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيا.گذريل ڏينهن صدر آصف علي زرداري وزيراعظم جي سفارش تي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي بطور چيف آف ڊفينس فورسز مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو. هاڻ صدر جي منظوري کان پوءِ دفاع واري وزارت به فيلڊ مارشل عاصم منير جي بطور چيف آف ڊفينس مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.صدر آصف علي زرداري وزيراعظم طرفان پيش ڪيل سمري جي منظوري ڏني جنهن جي تحت فيلڊ مارشل عاصم منير جيڪو هن وقت چيف آف آرمي اسٽاف آهي انهي کي بطور چيف آف ڊفينس فورسز(سي ڊي ايف) پنج سالن جي مدي لاءِ مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.پڌرائي موجب فيلڊ مارشل عاصم منير جي بطور چيف آف ڊفينس فورسز مقرري 5 سالن جي لاءِ هوندي. دفاع واي وزارت ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر جي بطور سرپراهه پاڪ فضائيه جي مدي ۾ 2 سالن جي واڌ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو. صدر آصف زرداري ايئر چيف مارشل ظهير احمد سدهو جي ملازمت واري مدي ۾ به 2 سالن جي واڌ جي منظوري ڏني هئي. پڌرائي موجب ايئر چيف جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ 19 مارچ 2026 کان شروع ٿيندي.

تبصرے بند ہیں۔