بار بار ڪوچ تبديل ڪرڻ سان گهربل مقصد نه ملندا، طاهر زمان

لاهور : پاڪستان هاڪي ٽيم جي ڪوچ طاهر زمان جو چوڻ آهي ته ڪوچن کي بار بار تبديل ڪرڻ سان گهربل مقصد حاصل نٿا ڪري سگهجن، طاهر زمان ڳالهائيندي چيو ته ست سالن کان پوءِ پرو ليگ ۾ حصو وٺڻ هڪ ڏکيو سفر هو، هن چيو ته اسان سڀني جي اميدن تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪنداسين، اسان جو مقصد پرو ليگ جي هر ميچ کان پوءِ پنهنجي بهتري ڏسڻ آهي،هاڪي ٽيم جي ڪوچ وڌيڪ چيو ته اسان انگلينڊ ۽ ڀارت خلاف ميچن کان اڳ مڪمل طور تي تيار رهڻ چاهيون ٿا.

تبصرے بند ہیں۔